{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > يونان جي معيشت کي بچائڻ لاءِ يورپ کي جلدي ڪجهه ڪرڻ گهرجي: يونان جو اڳوڻو وزير

يونان جي معيشت کي بچائڻ لاءِ يورپ کي جلدي ڪجهه ڪرڻ گهرجي: يونان جو اڳوڻو وزير

ويچار ڊيسڪ
April 30th, 2010

يونان جي اڳوڻي معيشت واري وزير خبردار ڪيو آهي ته يورپ کي يونان جي معاشي بحران جي بدترين اثر کان بچائڻ لاءِ ترت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. 1994ع کان 2001ع تائين معاشيات واري وزير جي عهدي تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر يانوس پاپانٽونٽو چيو آهي ته يونان جي معيشت کي بچائڻ لاءِ يورپ کي ترت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

 

ان کان اڳ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڊومينڪ اسٽراس ڪهان خبردار ڪيو هو ته يونان جو مالي بحران سموري يورپ ۾ ڦهلجي سگهي ٿو. برلن ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران سٽراس ڪهان چيو هو ته يونان جا مسئلا نبيرڻ جي حوالي سان روزانو ان بحران جو اثر وڌڻ جو خدشو وڌي رهيو آهي.

 

بين الاقوامي مالي اداري وارو سربراهه جرمن سياستدانن کي پرچائڻ لاءِ جرمني پهچي ويو آهي جيڪي اڃان تائين يونان جي امدادي پئڪيج جي حمايت ڪونه ڪري رهيا آهن. خمس تي يونان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ڪجهه بهتر ٿي آهي جنهن سان يونان جي صورتحال تي سرمائيدارن جو اعتبار وڌي رهيو آهي. پر ان باوجود يونان کي مليل وياج جي شرح مناسب آهي.

 

ذريعن سان ڳالهائيندي يوناني وزير جرمن کي ڊيل جي رستي ۾ رنڊڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته جرمن سياست جون مختلف ڌريون يونان کي يورپي يونين مان ڪڍائڻ جون خواهشمند آهن. هن يونان جي مالي حالت کي تمام خطرناڪ ڄاڻايو آهي ۽ يورپ جي سست جواب کي شيئر مارڪيٽ کي ڪنفيوزڊ اشارو ڏيڻ جو ذميوار ڄاڻايو آهي.

 

”اسين گهڻو وقت برباد ڪيو آهي. يورو زون جي مقبوليت کي نقصان ٿيو آهي ۽ يورو لاٿ جو شڪار ٿيو آهي“. سندس چوڻ آهي ته ايتري دير ٿيڻ باوجود به اِهو لازمي آهي ته يورو زون ان بحران سان نبيرڻ لاءِ سياسي نيت ۽ بهترين حڪمت عملي جو اظهار ڪري. هن اِها ڳالهه اهڙي وقت ڪئي آهي جڏهن ڪريڊٽ ريٽنگ اداره اسٽينڊرڊ اينڊ پور اسپين جي درجه بندي ”اي اي“ مثبت کان ”اي اي“ ڪري ڇڏي آهي. اداري جو چوڻ آهي ته اسپين ۾ قرض جي بنياد تي هلندڙ هائوسنگ ۽ اڏاوتي صنعت جي ناڪامي کانپوءِ هتي ترقي جو امڪان وڌيڪ ناهي.

 

آءِ ايم ايف جي سربراهه ساڳئي ڳالهه ڪندي چيو ته ”اڄ يونان جي مالي حالت خراب آهي پر اڃان به گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اسانکي اعتماد بحال ڪرڻ گهرجي. مونکي يقين آهي ته اِهو مسئلو حل ٿي ويندو پر جيڪڏهن اسين يونان وارو مسئلو حل ڪونه ڪندا سين ته پوءِ يورپي يونين کي تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو.

 

جرمني جي چانسلر اينگلا مرڪل چيو آهي ته يونان جي امدادي پئڪيج بابت ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ چيو ته اِها ڳالهه واضح آهي ته يوناني سرڪار، يوناني ڪميشن ۽ آءِ ايم ايف سان جلدي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

يورپ جي سڀ کان وڏي معيشت هجڻ سبب يورو زون ملڪن جي امدادي پئڪيج ۾ سڀ کان وڏو حصو جرمني جو هوندو. ان وقت آءِ ايم ايف ۽ اي يو پاران يونان کي 45 ارب يورو جي امدادي پئڪيج جي آڇ ڪئي وئي آهي پر اطلاعن موجب ان پيڪيج جي ماليت 100 کان 120 ارب يورو ٿيندي ۽ اِها رقم ٽن سالن ۾ ادا ڪئي ويندي.