{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جو دفاعي بجيٽ 448 ارب هوندو

ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جو دفاعي بجيٽ 448 ارب هوندو

ويچار ڊيسڪ
May 23rd, 2010

پاڪستاني حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ مالي سال 2010 ۽ 2011 ۾ پاڪستان جو دفاعي بجيٽ 448 ارب هوندو جيڪو هلندڙ مالي سال کان 105 ارب وڌيڪ آهي.

 

دفاع واري وزارت 110 ارب وڌيڪ گهريا هئا پر خزاني جي وزارت اِهو بجيٽ 105 ارب ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

 

وزير اعظم جي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ پارليامينٽ ۾ ناڻي جي سٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته خيبر پختونخواه جي مختلف علائقن ۾ فوجي آپريشن ٿيڻ سبب هلندڙ مالي سال ۾ دفاعي خرچ 60 ارب وڌي ويو آهي. هلندڙ سال دفاعي خرچ لاءِ 343 ارب جي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ اِهو خرچ 403 ارب ٿي ويو. پارليامينٽ کي وڌندڙ خرچ وڌڻ جو ڪارڻ سرحدن تي وڌندڙ ڪشيدگي ڄاڻايو ويو آهي.