{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > چين جون اکيون هاڻي عرب سماج سان واپار تي آهن

چين جون اکيون هاڻي عرب سماج سان واپار تي آهن

ويچار ڊيسڪ
September 25th, 2011

عالمي سطح تي اڄڪلهه آمريڪي ۽ يورپي معيشتون بحران جون شڪار آهن. هن جي ابتڙ هاڻي چين ريشم جي تاريخي ماضي ۾ ارب رياستن سان پنهنجا واپاري لاڳاپا مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ چين جي اقليتي مسلمان آبادي واري علائقي نينگشيا ۾ اهم ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي آهي. شاهراهه ريشم تي هن اتري علائقي ۾ منعقد ڪيل اجلاس ۾ خليجي ملڪن جي سياسي قيادت ۽ عرب سماج کان حڪمران خاندانن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. چين جي صنعتي ۽ واپاري حلقن سان لاڳاپيل ماڻهن هنن جي ميزباني ڪئي.

 

خابرو اداري اي ايف پي موجب اجلاس ۾ شريڪ ماڻهن کي اُميد آهي ته عرب سماج ۾ بدلي جي لهر کان اقتصادي ترقي جا نوان رستا کلندا. اهڙي منجهيل صورتحال ۾ اقتصادي ترقي لاءِ بيجنگ ڏانهن نهاريو پيو وڃي.

 

اِهو اجلاس اربعا ڏينهن منعقد ڪيو ويو جيڪو آچر ڏينهن ختم ٿيندو. بنيادي اجلاس سان خطاب ڪندي اعلي سطحي چيني عهديدارن جيا ڪنجي لن جو چوڻ هو ته عرب سماج سان چين جو واپار ساليانو 30 سيڪڙو وڌي رهيو آهي. ڪنجي لن چين جي هڪ آئيني مشاورتي اداري جو سربراهه آهي. سندس موجب گذريل 2 سالن دوران چين ۽ عرب سماج جي وچ ۾ ٻه پاسڙ واپار جو حجم 65 ارب ڊالر کان وڌي ڪري 145 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي.

 

هن اهم اجلاس لاءِ نينگشيا جهڙو ڏورانهون علائقو چونڊڻ کي انڪري اهميت ڏني پئي وڃي ڇاڪاڻ ته هتي ڪيترا ئي مسلمان آباد آهن. اجلاس جي انتظاميا موجب عرب ليگ ۾ شامل 22 ميمبرن انهيءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنهنجا نمائندا موڪليا آهن. اهڙي طرح غير عرب ملڪن خاص طور آفريقي ملڪن جا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. معيشت جي ڦيٿي جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ توانائي جون چائنيز ضرورتون هن اجلاس جو بنيادي موضوع هو. بعد ۾ ٻه طرفه سطح تي مالي خدمتن، ٽيڪسٽائل، صنعتي مشينري، جهاز سازي ۽ هوا بازي جي کاتن جي باري ۾ واضح ڳالهيون ڪيون ويئون.

 

اجلاس ۾ شريڪ بحرين جي معاشي ترقي واري اداري جي سربراهه محمد بن عيسي الخليفه جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي معاشي ڪاررواين جو رجحان اوڀر ڏانهن ڦري رهيو آهي. هڪ مصري واپاري امر الاداوي چيو ته 3 ڏهاڪن کان مصر ۾ صدر حسني مبارڪ جي دور ۾ نالي ماتر ترقي ٿئي آهي پر هاڻي ترقي ٿيڻ جا امڪان آهن. ڪويت ۾ تيل ۽ گئس جي کاتي سان لاڳاپيل واپاري خالد الروز موجب ”يورپين جي عزت سر اکين تي پر هنن سان واپار ڪرڻ ۾ دير ۽ واپار جي پيماني جي متعلق ڏکيائي ٿيندي آهي.“