{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > پاڪستان ۽ هندستان جي درميان واپار 6 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ هندستان جي درميان واپار 6 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق

ويچار ڊيسڪ
September 30th, 2011

پاڪستان ۽ هندستان 4 سالن درميان آپسي واپار ٻيڻو ڪري 6 ارب ڊالر تائين پهچائڻ، جديد ڪسٽم پوسٽ کولرائڻ ۽ ويزا جو انگ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اِهو اتفاق ٻنهيءَ ملڪن پاران واپاري ويزن درميان 35 سالن کانپوءِ نئين دهلي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. پاڪستاني واپاري وفد جي اڳواڻي واپار واري وزير مخدوم امين فهيم ڪئي جڏهن ته هندستاني وفد جي اڳواڻي هندستان جي واپار واري وزير آنند شرما ڪئي.

 

هندستاني واپار واري وزير آنند شرما رائٽرز سان ڳالهائيندي چيو ته نئين دهلي يورپي يونين پاران پاڪستان جي ٻوڏ سان متاثر ٿيل علائقن کي ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽ وڌائڻ جي مشوري جي حمايت ڪندو. آنند شرما چيو ته ٻنهيءَ وزيرن جي ملاقات فائديمند ثابت ٿئي آهي. ٻنهيءَ ڌرين درميان ايندڙ مذاڪرات نومبر جي مهيني ۾ ٿيندا. رائٽرز موجب بنهيءَ ملڪن ٻئي ڪسٽم پوسٽ آڪٽوبر يا نومبر ۾ کولرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته مختلف قسم جا واپاري ويزا جاري ڪرڻ تي عمل در آمد نومبر جي مهيني ۾ ٿيندو جڏهن ته بارڊر تي واپاري وقت وڌائڻ جي باري ۾ اتفاق پڻ ڪيو ويو آهي.