{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > عرب اسپرنگ سان 50 ارب ڊالر جو نقصان

عرب اسپرنگ سان 50 ارب ڊالر جو نقصان

ويچار ڊيسڪ
October 15th, 2011

تازي تفتيش موجب اتر آفريقا ۽ وچ اوڀر جي مسلمان ملڪن ۾ طويل شخصي آمريتن ۽ بادشاهتن خلاف مشهور عوامي احتجاجي مظاهري جي لهر سان علائقي کي 50 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

 

جيو پوليسيٽي نالي اداري اولهه ۾ ”عرب اسپرنگ“ نالي سان مشهور عوامي تحريڪ جي متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. تفتيش موجب عوامي جهيڙن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت مصر، شام ۽ ليبيا ادا ڪئي آهي.

 

رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته علائقي جي استحڪام لاءِ عرب رياستن جي اڳواڻي ۾ جيڪڏهن ڪو بين الاقوامي پروگرام ڪونه تيار ٿيو ته عرب اسپرنگ سان نقصان ٿي سگهي ٿو.

 

اقتصادي نقصان جو تخمينو لڳائڻ ڏکيو آهي پر موجوده انگن اکرن موجب ليبيان کي 14. 2 ارب ڊالر، شام کي 27.3 ۽ مصر کي 9.79 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي.

 

عرب اسپرنگ سان سموري علائقي کي اقتصادي طور فائدو ٿيو آهي خاص طور تيل پيدا ڪندڙ ملڪن کي جيڪي هينئر تائين جهيڙن کان محفوظ آهن يا وري هن کي دٻائڻ ۾ ڪامياب آهن.

 

ليبيا ۾ ڪجهه مهينن تائين جاري رهندڙ عوامي تحريڪ کان سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي جتي هن تحريڪ جي ڪري مجبورن 7 لک ڄڻن ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ساڳئي وقت ملڪ کي تيل ۽ گئس جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ سان ملڪي معيشت کي نقصان پڻ ٿيو آهي.