{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > پاڪستان ۾ واپار ڪرڻ تمام ڏکيو آهي: ورلڊ بئنڪ

پاڪستان ۾ واپار ڪرڻ تمام ڏکيو آهي: ورلڊ بئنڪ

ويچار ڊيسڪ
October 20th, 2011

ملڪي معيشت جي تباهي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان ۾ واپار کي نهايت ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته هندستان ۾ واپاري حالتون صحيح آهن ۽ رينڪ 139 کان وڌي ڪري 132 ٿي چُڪو آهي. افغانستان ۽ بنگلادِش ۾ صورتحال خراب ڄاڻائي وئي آهي.

 

ورلڊ بئنڪ پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ واپار ڪرڻ لاءِ موافق طئه ڪيل ملڪن ۾ پاڪستان جو نمبر 105 آهي. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب سال 2011 ۾ پاڪستان جو رينڪ 96 نمبر تي هو جيڪو وڌيڪ گهٽجڻ بعد 105 ٿي چُڪو آهي.

 

رينڪ گهٽجڻ جو سبب ملڪي معيشت جو تيزي سان زوال آهي، اقتصادي ماهرن موجب پاڪستان هن وقت معاشي بدحالي جو شڪار آهي ۽ ملڪ ۾ بجلي، پاڻي ۽ بئس ناهن، روڊ رستا ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن، امن جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ اهڙين حالتن ۾ ورلڊ انويسٽر يا وري سينيئر ڪارپوريٽ ادارا پاڪستان ۾ واپار ڇو ڪندا.

 

ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب هندستان ۾ واپار جي صورتحال بهتر ٿئي آهي ۽ هن جو رينڪ 139 کان وڌي ڪري 132 ٿي چُڪو آهي. افغانستان جو رينڪ 154 کان گهٽجي ڪري 160، بنگلاديش 118 کان گهٽجي ڪري 122، ڀوٽان 140 کان وڌي ڪري 142 ۽ مالديپ 78 کان 79 نمبر تي پهچي ويو آهي.