اقوام متحده پاران خوراڪ جي عالمي بحران کي قابو ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون چيو آهي ته تنظيم جي پهرين ترجيح دنيا جي هنن لکين ماڻهن کي خوراڪ فراهم ڪرڻ آهي جيڪا هن مهل خوراڪ جي وڌندڙ قيمت جي ڪارڻ خوراڪ کان محروم آهن.
هن ٽارڪ فورس جو سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پاڻ آهي ۽ هن ٽاسڪ فورس ۾ اقوام متحده جي مختلف ادارن ۽ عالمي بئنڪ جا سربراهه به شامل آهن. اقوام متحده جو اندازو آهي ته هن مهل ڏهه ڪروڙ ماڻهون خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن. هن سلسلي ۾ خوراڪ جي عالمي پروگرام چيو آهي ته هلندڙ سال هن کي 755 ملين ڊالر جي واڌو رقم درڪار آهي.
سوئٽزرلينڊ جي گادي واري هنڌ برن ۾ اقوام متحده جي ادارن جي سربراهن جي هڪ اجلاس کانپوءِ هڪ بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خوراڪ جو عالمي بحران هاڻ سنگين ٿي چُڪو آهي. چانور، اٽو، تيل ۽ کنڊ جهڙي واهپي جي شئين جو مُلهه هڪ سال ۾ ٻيڻو ٿيو آهي.
برن کان اسانجي نمائندي جو چوڻ آهي ته اقوام متحده جي ڪوشش آهي ته طويل عرصي ۾ هو زرعي مرعات کي ختم ڪرائي جنهن سان تجارت ۾ عدم توازن پيدا ٿيندو آهي. هن سان گڏ هو ماحولياتي تبديلي سان خوراڪ جي پيداوار کي ٿيندڙ نقصان کان آجپو حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن.
برن ۾ ٿيل اجلاس ۾ عالمي اداره تجارت ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (ڊبليو ٽي او) جي سربراه رابرڊ زيلڪ ۽ عالمي بئنڪ (ورلڊ بئنڪ) جي سربراو پسڪال لامي به شريڪ هيو. مسٽر زيلڪ دنيا جي ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته هو غذائي زخيرن کي محفوظ رکڻ جي غرض سان خوراڪ جي برآمد تي پابندي عائد نه ڪن.
سندس چوڻ هو ته ائين ڪرڻ سان زخيره اندوزي کي فروغ ملندو آهي، کائڻ پيئڻ جي شئين جو مُلهه وڌندو آهي ۽ خاص طور تي غريب عوام متاثر ٿيندو آهي جيڪي اڳ ۾ ئي مشڪل سان هڪ ويلي جي ماني کائي سگهندا آهن.
اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ عالمي بئنڪ چيو آهي ته هو آفريقا ۾ زراعت لاءِ قرضن جي شرح ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. هن کان علاوه هو غريب ملڪن لاءِ لچڪدار ۽ جلد فراهم ٿيڻ واري قرضن جي نظام تي غور ڪري رهيو آهي.