کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > امير مُلڪ غريب ملڪن جو زرعي شعبو ڪيئن تباهه ڪندا آهن

امير مُلڪ غريب ملڪن جو زرعي شعبو ڪيئن تباهه ڪندا آهن

ڊاڪٽر منظور اعجاز
May 6th, 2008

آمريڪي ڪانگريس زرعي شعبي کي 3 سئو بلين ڊالر جي سبسڊي يا امداد ڏيڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي. دنيا جا سمورا امير مُلڪ پنهنجي پنهنجي زرعي شعبي کي اهڙي امداد ڏيندا آهن. هي اُهو طريقو آهي جنهن سان امير مُلڪ غريب ملڪن جي زرعي شعبي کي تباهه ڪري چُڪا آهن ۽ اڃان به ڪري رهيا آهن.

 

جڏهن آمريڪي ڪانگريس زرعي شعبي کي مالي امداد ڏيندي آهي ته آمريڪي زرعي فارمرز يا آبادگار، جنهن ۾ هاڻ عام هاري گهٽ ۽ وڏيون وڏيون ڪارپوريشنز وڌيڪ آهن، جي پيداوار جو خرچ تمام گھٽجي ويندو آهي. معني هڪ ڪلو ڪڻڪ جي پيداوار جو مُلهه 40 رپيا آهي ته حڪومتي امداد ملڻ کانپوءِ هو اگهه 20 رپيا ٿي ويندو آهي. اهڙي ريت اها ڪڻڪ عالمي منڊي ۾ غريب ملڪن جي ڪڻڪ جي پيداوار کي تباه ڪندي آهي ڇاڪاڻ ته هو ايترو گهٽ مُلهه تي پيداوار ڪونه ڪري سگهندا آهن.

 

بعض اوقات ڪڻڪ جي جنس جو مُلهه بازار ۾ حڪومت جي گهٽ ۾ گهٽ طئي ڪيل مُلهه کان به گهڻو هوندو آهي ته پوءِ به فارمر يا زرعي آبادگار، خاص طور تي امير هاري ۽ ڪارپوريشنز حڪومت کان امداد وٺنديون آهن. انهيءَ سبب ڪيترا ئي ڀيرا هنن جي پيداوار جو خرچ گهٽجي ويندو آهي. بالڪل اهڙو ورتاء يورپ ۽ دنيا جا الاهي مُلڪ ڪري رهيا آهن. پنهنجي زرعي آبادگار جي امداد ڪري سندس پيداوار جي لاگت کي تمام گهٽائي ڇڏيندا آهن ۽ غريب ملڪن جي آبادگارن کي برباد ڪري ڇڏيندا آهن.

 

امير مُلڪن جا زرعي آبادگار جڏهن پنهنجي ڪڻڪ جي پيداوار عالمي منڊي تائين پهچائيندا آهن ته هن جو اگهه ايترو گهٽ هوندي آهي ته غريب مُلڪ هنن جو مقابلو ڪونه ڪري سگهندا آهن. هي سڀ ڪجهه امير ملڪن پاران سندن زرعي شعبي کي امداد ٿيڻ سبب ٿيندو آهي. مثال جي طور تي آمريڪي حڪومت جيڪڏهن ڪڻڪ جي آبادگارن کي امداد نه ڏيندي ته پوءِ هڪ ڪلو ڪڻڪ جو ريٽ شايد 40 رپيا هجي ها.

 

هن اگهه تي آمريڪي ڪڻڪ غريب ملڪن ۾ وڪرو نه ٿي سگهندي ۽ هنن ملڪن جي مقامي پيداوار جي اگهه جو مقابلو نه ڪري سگهندي پر امداد ملڻ کانپوءِ جڏهن ڪڻڪ 20 رپيا ڪلو جي حساب سان عالمي منڊي کي ڏني ويندي آهي ته هو غريب ملڪن جي آبادگارن کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي.

 

غريب مُلڪن جي پيداواري لاگت تمام گهڻي هوندي آهي ۽ هنن جي غريب حڪومتون کين امداد ڏيڻ ته هڪ پاسي پر هنن کان ٽيڪس وٺندي آهي ۽ کين لاگت کان به گهٽ اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي ته جيئن شهري طبقو احتجاج نه ڪري.

 

هن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته مقامي هاري بنيادي ضرورت جي جنسن جي پيداوار نه ڪندو آهي يا پيداوار جو سلسلو گهٽائي ڇڏيندو آهي. نيٺ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته غريب ملڪ امير ملڪن جي زرعي آبادراگن جا محتاج بڻجي ويندا آهن. پوءِ امير ملڪن جا واپاري جيڪو اگهه طئي ڪندا آهن غريب مُلڪن کي ادا ڪرڻو پوندو آهي.

 

تنزانيه يونيورسٽي جي پروفيسر رچرڊ موشمبا جو چوڻ آهي ته امير ملڪن جي زرعي شعبي کان مليل امداد سان ڪڻڪ جي جنسن جو اگهه عالمي منڊي ۾ گهٽجي ويندو آهي جنهن سبب آفريقي هارين جي آمدني متاثر ٿيندي آهي. سندس مطابق ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب رڳو آمريڪي زرعي شعبي جي امداد سان اولهه آفريقه ۾ ڦٽين جي پيداوار ڪندڙ آبادگارن کي 250 ملين ڊالر جو نقصان ٿيندو آهي.

 

آمريڪا، يورپي يونين، ڪينيڊا ۽ جاپان جھڙا امير مُلڪ غريب ملڪن تي ڪجهه شرطون لاگو ڪندا آهن. ورلڊ بئنڪ، آئي ايم ايف، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۽ ٻين وڏن وڏن مالي ادارن کي غريب ملڪن ۾ منڊيون کولڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن منڊيون تيار ٿي وينديون آهن ته مقامي زرعي شعبو برباد ٿي ويندو آهي.

 

هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته آمريڪا ۽ ٻيا امير صنعتي ملڪ آزاد مقابلي ۽ آزاد منڊين جو جھنڊو سموري دنيا ۾ لهرائيندا آهن. هو ٻين ملڪن جي حڪومتي منڊين ۾ دخل ڏيڻ تي رڙيون ڪندا آهن پر جڏهن زرعي پيداوار جو مامرو هوندو آهي ته پنهنجي زرعي آبادگارن جي حڪومتي خزاني کان امداد ڪري آزاد مقابلي جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن. پوءِ آزاد مقابلو رهندو آهي نه وري آزاد منڊي.

 

هونئن ته سرمايه دار امير ملڪ دنيا ۾ اها تبليغ ڪندا آهن ته جيڪا جنس جنهن ملڪ ۾ آساني سان پيدا ٿيندي آهي ٻين ملڪن کي پاڻ پوکڻ بدران هتان وٺن گهرجي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ آسان پيداواري جنس هن مُلڪ کي وڪرو ڪرڻ گهرجي. هن عمل کي معاشيات ۾ ڪمپيريٽو ايڊوانٽيج (Comparative Advantage) چيو ويندو آهي. پر اُهي پاڻ هن تي عمل ڪونه ڪندا آهن. يورپ ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ڪرڻ تمام اڻائو آهي ۽ هن ۾ تمام گهڻو خرچ ٿيندو آهي پر وري به هنن جون امير حڪومتون امداد ڏئي ايتري جنسن جي پيداوار ڪرائينديون آهن ته يورپي ملڪ درآمد ڪرڻ بدران برآمد ڪندا آهن.

 

هن جو مطلب بالڪل واضع آهي ته امير ملڪن پهريان کان طئي ڪيو آهي ته اُهي زرعي جنسن ۾ ٻين ملڪن جا محتاج ٿيڻ بدران ٻين ملڪن کي محتاج ڪندا. هاڻ امير ملڪ الاهي شئين جي مينوفيڪچرنگ ٻاهرين ملڪن کان ڪرائي رهيا آهن پر زرعي جنسن ۾ ڪنهن تي اعتبار ڪونه ڪندا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ مالي امداد ڏئي وڌ ۾ وڌ جنسن جي پيداوار ڪندا آهن.

 

غريب ملڪن کي به هن عمل کان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. غريب ملڪن کي گهرجي ته هو ٻيون منڊيون کولن پر زرعي جنسن جي منڊين ۾ هنن ملڪن جي درآمد کي اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي جيڪي زرعي شعبي کي حڪومتي امداد ڏئي شئين جو اگهه گهٽائيندا آهن. کين ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته بنيادي کائڻ پيئڻ جي شئين جو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکن. اهڙي جنسن جي پيداوار تي ٽيڪس هڻڻ بدران هنن کي مناسب اگهه وٺرائي سندن مدد ڪرڻ گهرجي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com