مشهور انٽرنيٽ سرچ انجڻ جي ڪمپني ياهو جي انتظاميه کي هڪ زبردست چئلينج جو سامڻو آهي. ڪمپني جي ڪنٽرول تي هڪ اهڙي ماڻهون جي نظر آجي جيڪو هن نوعيت جي ڪمپني ”ٽيڪ اورز“ جي لاءِ مشهور آهي. ڪارل اڪاهن اعلان ڪيو آهي ته هو 3 جولاءِ تي موجوده 10 ڊائريڪٽرز بدران نوان اُميدوار نالا پيش ڪندو. هن مهل ڪمپني جا شيئر هولڊرز پينلز مان هڪ جي چونڊن ڪندا.
اڪاهن کي اهڙي قسم جي ڪاروباري جنگين جو تجربو آهي ۽ هن گذريل سال اوريڪل جو بي اي اي سسٽم ڪمپني خريد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اڪاهن ياهو جا پنجاهه ملين شيئرز تڏهن خريد ڪيا جڏهن مئي ۾ ياهو ۽ مائيڪرو سافٽ جا مذاڪرات ختم ٿيا هئا. هن مهل ياهو مائيڪرو سافٽ جي آڇ اهو چئي مسترد ڪئي هئي ته مائيڪرو سافٽ جي شيئرز جو مُلهه 33 کان وڌائي 37 ڊالر ڪيو وڃي.
ڪارل اڪاهن مائيڪرو سافٽ سان معاهدو نه ڪرڻ تي شديد تنقيد ڪندي چيو هو ته ياهو کي اهو فيصلو پنهنجي حصي دارن سان مشورو ڪرڻ کانپوءِ ڪرڻ کپي ها. رڳو اڪاهن ئي موجوده ڊائيريڪٽرز کي ڪڍڻ لاءِ ڪم نٿو ڪري بلڪ سرمايه ڪار ايرڪ جيڪسن به تمام ڊائيريڪٽرز کي ڪڍڻ جي مهم هلائي رهيو آهي.
جيڪسن بي بي سي نيوز کي ٻڌايو آهي ته مائيڪرو سافٽ جي آڇ مسترد ڪرڻ جي خلاف ڪمپني تمام گهڻي وياڪل آهي. ياهو جي شيئرز جو مُلهه گذريل 4 ورهين کان هڪ ئي جاءِ تي بيٺل آهي جڏهن ته مارڪيٽ ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ گوگل ۾ 446 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.