کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > آمريڪا: مهانگي پيٽرول سبب گاڏيون ساڍا 4 ارب ميل گهٽ هليون

آمريڪا: مهانگي پيٽرول سبب گاڏيون ساڍا 4 ارب ميل گهٽ هليون

ويچار ڊيسڪ
June 20th, 2008

آمريڪا جي فيڊل هاءِ ايڊمنسٽريشن (ايف ايڇ اي) ٻڌايو آهي ته اپريل ۾ آمريڪا جي روڊن تي ٻه هزار ٽي کانپوءِ گاڏيون ساڍا چار ارب  ميل گهٽ هليون آهن. ايف ايڇ اي جو چوڻ آهي ته اهو هڪ پوائنٽ اٺ سيڪڙو جي ڪمي آهي. وري به آمريڪا ۾ ٻه سئو ڇائيتاليهه ارب ميل گاڏيون هليون آهن.

 

آمريڪا ۾ 2003 ۾ گاڏيون اٽڪل ٻه سئو چاليهه ارب ميل هليون هيون. 1983 ۾ اهو سفر فقط هڪ سئو ٻٽيهه ارب هيو. وري ساليانو هن سفر ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ 2004 ۾ ٻه سئو پنجاهه ارب تائين پهچي ويو. هونئن ته گذريل ٻن ٽن ورهين کان گاڏين جي سفر نقصان ٿيو آهي پر ايترو وڏو نقصان پهريون ڀيرو ٿيو آهي.

 

ماهرن جو چوڻ آهي ته هن جو بنيادي ڪارڻ پيٽرول جي وڌيل قيمت آهي. 2003 ۾ پيٽرول جي قيمت 1 ڊالر ۽ 74 سينٽ هئي جيڪو هاڻي ٽي سيڪرو وڌي ڪري 4 ڊالر کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com