فيڊل بورڊ آف ريونيو، فنانس بل ۾ ترميمن جو مسودو جمعي تي وزارت خزانه کي موڪلي ڇڏيو آهي. چيئرمين آيف بي آر محمد عبدالله يواف اهو مسودو فيڊل بورڊ آف ريونيو جي ممبر سيلز ٽيڪس ۽ وفاقي ايڪسائز ڊيوٽي عبدالودود خان، ممبر ڪسٽم محمود عالم ممبر ڊائريڪٽ ٽيڪس عثمان خالد سرزم جي صلاح تي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي هدايت جي روشني ۾ تيار ڪيو. 1 جولاءِ2008 کان جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح پندرهن سيڪڙي کان سورهن سيڪڙو ڪئي ويندي. هن هڪ سيڪڙي سان قومي خزاني کي ڇويهه ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي.
امسال جنرل سيلز ٽيڪس کان 375 رپيا آمدني جي تخميني سان ايندڙ مالي سال لاءِ جنرل سيلز ٽيڪس جو هدف پوڻا پنج سئو ارب جي ويجھو هوندو. فنانس بل جنهن جي منظوري قومي اسيمبلي ۾ اڱاري تي ڏني ويل منظوري جي وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي ليڊر خواجه محمد آصف راءِ ونڊ ۾ ڪوليشن حڪومت جي اڳواڻ محمد نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ملاقات کانپوءِ جمعه تي ڪيو آهي. هن لاءِ فنانس بل جي منظوري ۾ ڪو شڪ ڪونه رهيو. فنانس بل ۾ سڀ کان اهم ترميم پراپرٽي مافيا ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
پراپرٽي مافيا 11 جون 2008 جي وفاقي بجيٽ ۾ وزير خزانه نويد قمر باري هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪن پلاٽ ڊويلپ ڪري عام ماڻهن کي ڏيندڙ ڊويلپرز ۽ فليٽ پلازه مڪان هيٺ بڻائي وڪرو ڪنطڙو بلڊرز جي آمدني تي جيڪا ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس مقرر ڪيو هو، ڊويلپرز، بلڊرز پارليامينٽ جي ڪاميٽي جي رُڪنن ذريعي فنانس بل ۾ اها ترميم ڪرائي آهي جو اهي ٽيڪس هنن کان ڪونه ورتو ويندو بلڪ هن ٽيڪس جو بار پلاٽ، دُڪان، گهر جي خريدار کي فيڊل ايڪسائز ڊيوٽي جي صورت ۾ ڏيڻو پوندو. هن ترميم کي فنانس بل ۾ وزارت خزانه کي فيڊل بورڊ آف ريونيو جي چيئرمين عبداله يوسف وزير خزانه نويد قمي جي منطوري سان موڪلي آهي سندس موجب ريٽنگ ايرياز اڌ ڪيا ويندا. اڃان تائين ڪراچي جي ميونسپل حدن جي ختم ٿيڻ ۾ چاليهه ڪلوميٽر لاهور جي ميوسپل حدون اڳتي ڏهه ڪلوميٽر تائين جي ايراضي هن شهر جي ريٽنگ ايريا ۾ شمار ڪئي ويندي پر نئين فنانس بل جي منظوري کانپوءِ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ۽ باقي ننڍي وڏي شهرن جو ريٽنگ ايريا اڌ ڪيو ويندو. هن فيصلي تي 1 جولاءِ 2008 کان عمل شروع ڪيو ويندو.
هن ريٽنگ ايريا ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي رجيم ۾ شامل هئا ۽ ريٽنگ ايريز جي زمين املاڪ جي خريد و وڪرو تي سي وي ٽي جي ادائيگي ڪرڻي هئي نئين ترميم سان ڇاڪاڻ ته شهر جو ريٽنگ ايرياز اڌ ڪيو ويو آهي. ان ڪري هاڻي حڪومت کي گهٽ سي وي تي ملندو ڇاڪاڻ ته پراپرٽي مافيا پنهنجي اثر رسوخ جي زريعي پاڻ تي مقرر ٿيل ٽيڪس خريدار ۽ ايف ڊي جي صورت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڊويلپرز، بلڊرز هائوسنگ سوسائٽي جا مالڪ بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ ريدارن تي اضافي بار پئجي ويندو. نئين ترميم ٿيل فنانس بل جي منظوري سان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي منظور ڪيل فنانس بل جو ريٽنگ ايريا گهٽجي ويندو.