پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اتحادي جماعتن، اپوزيشن جماعتن پاران ڪنهن خاص مزاحمت کانسواءِ رڳو 11 ڏينهن اندر نئين مالي سال 2008،09 جو بجيٽ منظور ڪرايو آهي. بجيٽ 11 جون تي پيش ڪيو ويو جڏهن ته ٻه ڏينهن کانپوءِ 14 جون کان هن تي بحث جو آغاز ٿيو. نئين مالي سال جي بجيٽ تي 8 ڏينهن تائين بحث ٿيندي رهي، پوءِ بجيٽ تي بحث ڪندي بجيٽ بدران ججن جي بحالي ۽ مسلم ليگ ن جي پنجاب حڪومت ۽ اڳوڻي دور ۾ حڪومت جي ناڪامي تي بحث ڪندا رهيا.
مسلم ليگ ن جي قائم مقام پارلياماني ليڊر چوڌري نثار علي خان، مسلم ليگ فنڪشنل جي پارلياماني ليڊر جهانگير ترين بحث ۾ حصو ڪونه ورتو. اجلاس دوران 14 جون کان 21 جون تائين بحث ڪرائي وئي جڏن ته 22 جون تي بجيٽ منظور ڪرايو ويو. قومي اسيمبلي جي پارلياماني تاريخ ۾ پهرين دفعي ايتري گهٽ ڏينهن ۾ بجيٽ منظور ڪرايو ويو آهي. بجيٽ دوران ايوان جو ماحول به مجموعي طور تي خوشگوار رهيو.