ڊي 8 ڪانفرنس کان واپس ايندي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني طياري جي ڪوالالمپور کان ڊيشول موجب اسلام آباد اچڻ بدران هن کي دبئي وٺي وڃڻ سبب قومي خزاني کي هڪ ڪروڙ رپيه جو واڌارو نقصان سهڻو پيو. وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس چاليهه رُڪني وفد جنهن ۾ هڪ اپوزيشن ڪارڪن ۽ پنج بزنس مين به شامل هئا 7 جولاء تي ڊي ايٽ ڪانفرنس لاءِ ويو.
پنجاهه کان وڌيڪ سيڪورٽي اهلڪار ۽ بيوروڪريٽس پهريان کان ئي ڪوالالمپور لاءِ روانا ٿي چُڪا هئا. وفد ۾ شامل ڪجهه رُڪنن موجب هن وفد کي واپس اسلام آباد پهچڻو هو پر طياري جو رُخ عرب امارات ڏانهن ڦيرايو ويو جتي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني پيپلز پارٽي جي اڳواڻ کي پارٽي اجلاس ۾ شريڪ ڪرڻو هو. پي آءِ اي جي وسيلن موجب فلائٽ جي اهڙي تبديلي سان حڪومت کي ايوي ايشن، پيٽرول ۽ ڪجهه ٻي چارجز لاءِ سورهن لک رپيه خرچ ڪرڻا پيا.
هن کان علاوه وسيلن موجب سمر جي ٽريولنگ سيزن کي ڏسندي طياري کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان پنجاهه لک رپين جو وڌيڪ خرچ ٿيو. وسيلن دي نيوز کي ٻڌايو آهي ته دبئي پهچڻ کانپوءِ ڪجهه بيوروڪريٽس جي وفد جي رُڪنن کي دنيا جي مانگي ”گرينڊ حيات هوٽل“ ۾ رهايو ويو. وفد جي ٻين ماڻهن کي هڪ ٻي هوٽل ”مون پڪ“ ۾ رهايو ويو. سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وزير اطلاعات شيري رحمان، وزير پارلياماني امور خورشيد شاهه ۽ امور ڪشمير قمر الزمان ڪائره پاڪستان کان دبئي پهچي ويا. وسيلن موجب ”گرينڊ حيات هوٽل“ ۾ چاليهه ڪمرا بُڪ ڪرايا ويا جيڪي ٻين هوٽلن ۾ ريزرو ڪرايل ڪمرن کان الڳ هئا. وفد جا اُهي رُڪن جن کي پيپلز پارٽي جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻو هو هو پنهنجي ڪمرن تائين محدود رهيا ڇاڪاڻ ته دبئي ياترا شيڊول ۾ شامل ڪونه هئي.