زمبابوي جي سينٽرل بئنڪ ٻڌايو آهي ته بئنڪ ملڪ ۾ چوٽي تي پهتل مهانگائي کي نبيرڻ لاءِ 100 بلين ڊالر جو نوٽ شايع ڪري رهيو آهي.
زمبابوي ۾ معيشت جي بربادي کانپوءِ گوشت، مڪئي، تيل ۽ واهپي جون ٻيون ضروري شئين جو ڪال پئجي ويو آهي.
سينٽرل بئنڪ جي گورنر گڏيون گونو اڱاري تي ٻڌاو آهي ته پئسي جو ڦهلاءُ 2.2 ملين سيڪڙو وڌي ويو آهي جڏهن ته ڪجهه معاشي دانشورن جو چوڻ آهي ته حالات هن کان به بدترين آهن.
هيرالڊ اخبار ۾ ڇپيل هڪ نوٽس ۾ گونو چيو آهي ته زمبابوي جو ريزرو بئنڪ 100 بلين ڊالر جو نوٽ ڇاپي رهيو آهي ته جيئن انهن ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي جن کي ڪا ننڍي شئي خريد ڪرڻ لاءِ به نوٽن جا بيگ کڻي هلڻ جي ضرورت پوندي آهي. نوٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئون 100 بلين ڊالر جو نوٽ سومر تي ماڻهن تائين پهچي ويندو.