کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > پيٽرول جون قيمتون ۽ حڪومتي منافعو

پيٽرول جون قيمتون ۽ حڪومتي منافعو

ويچار ڊيسڪ
July 23rd, 2008

موجوده حڪومت پيٽرول ۽ گاسليٽ جي سبسڊي، مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊليرز جي منافعي ۽ هن جي ترسيل جي خرچن ۾ 20 کان 70 سيڪڙو اضافو ڪري عام استعمال ڪندڙن کي انهن شئين تي هڪ ليٽر لاءِ 5 کان 13 سيڪڙو وڌيڪ ڀرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

 

سرڪاري حساب ڪتاب موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن سان گڏ پاڪستان ۾ تيل جي درآمد، هن جي صفائي ۽ ترسيل جي نالي تي ڪمايل منافعي ۾ حڪومتي دعوائن جي ڀيٽ لاڳيتو اضافي جو ڪم هلندڙ آهي.

 

هلندڙ سال فيبروري جي ارڙهين تاريخ تي جنهن ڏينهن پاڪستانين نئين حڪومت چوندي، ملڪ ۾ پيٽرول تي جنرل سيلز ٽيڪس جي مقدار ست رپيه هئي جڏهن ته اڄ ٻارهن رپيه في ليٽر هر پاڪستاني پيٽرول تي سيلز ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي. ائين وزير اعظم جي اعلان موجب گاسليٽ جي سيلز ٽيڪس کي موجوده حڪومت چار رپين کان وڌائي اٺ رپيه ڪري ڇڏيو آهي.

 

تيل ۽ گئس جي ريگوليٽري اداري اوگرا کان ورتل سرڪاري حساب موجب انهن پنج مهينن جي اندر تيل وڪرو ڪندڙ غير ملڪي ڪمپنين ۽ هنن جي مقامي ڊيلرن جي منافعي ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پيٽروليم جي قيمت سموري ملڪ ۾ هڪ سطح تي رکڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن کي ملندڙ منافعي ۾ ڪيل اضافو گهٽ ۾ گهٽ سئو سيڪڙو آهي.

 

پر حڪومت پيٽرول ڊيويلپمنٽ چارجز ختم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو في ليٽر پنجاهه آنا هوندو هو. هتي اها ڳالهه به ٻڌائڻ جي قابل آه يته نگران حڪومت پيٽروليم ڊپارٽمنٽ ليوي جي نالي تي خالص سرڪاري نافعي کي ساڍا 7 رپين کان گهٽائي پنجاهه پئسا ڪري ڇڏيو هو.

 

هن جي ڀيٽ پيٽرول جي قيمت ۾ ريفائينري کان وٺي ڪري استعمال ڪندڙن تائين پهچڻ جو خرچ تقريبن ڊبل ڪيو ويو آهي. 18 فيبروري تي ريفائندري کان حاصل ٿيندڙ استعمال جي قابل پيٽرول جي قيمت 44 رپيه هئي جڏهن ته ٽيڪس کان علاوه اهو استعمال ڪندڙن کي پيٽرول 53 رپيه ۾ ملندو هو پر ريفائنري کان استعمال ڪندڙن تائين پهچائڻ جي وچ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپين جو اضافو ٿيو هو. اڄ تيل ريفائنري کان اهو پيٽرول 69 رپين ۾ ملندو آهي جڏهن ته پيٽرول پمپ تان 86 رپين ۾ ملندو آهي. ريفائنري ۽ پمپ جي قيمت ۾ اهو فرق هاڻ 17 رپين تائين پهچي ويو آهي.

 

هارين جي ٽيوب ويل ۾ استعمال ٿيندڙ لائٽ ڊيزل آئل جي سيلز ٽيڪس ۾ اسي سيڪڙو ۽ هن کي وڪرو ڪندڙ مارڪيٽنگ ڪمپنين جي منافعي ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو اضافو ڪري هن تي ٿيل خرچن ۾ اسي سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

 

گاڏين ۾ پيٽرول جي طور تي ڊيزل جو مامرو مختلف آهي. شوڪت عزيز جي حڪومت ڊي ريگوليشن ۽ فري مارڪيٽنگ اڪانومي جي پاليسي هيٺ پيٽروليم جي درآمد، قيمتن کي طئي ڪرڻ ۽ ترسيل جي مامرن کان حڪومت کي ڌار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو ۽ ڊيزل کي هن فهرست ۾ پهرين نمبر تي رکيو ويو هو.

 

ان ڪري ڊيلز جي قيمت طئي ڪرڻ هاڻي خالص مارڪيٽ جي هٿ ۾ آهي. انهيءَ ڪارڻ هن جي ريٽ ۾ ايتري تبديلي ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي هن کي استعمال ڪندڙن جي رسائي تائين رکڻ لاءِ 30 رپين جي سبسڊي ڏيڻي پوندي آهي.

 

ماهرن جو چوڻ آهي ته ريفائنري کان حاصل ٿيندڙ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمت کي به گهٽائڻ گهرجي. طويل عرصي کان پيٽروليم صنعت ۾ وڏي عهدن تي ڪم ڪندڙ سينيٽر دلاور عباس جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي صفائي تي ٿيندڙ خرچ ايترو ڪونهي جيترو آئل ريفائنريز ظاهر ڪنديون آهن.

 

ائين ڊيزل جي صفائي جو معيار به هن جي خرچ موجب ڪونهي ان ڪري حڪومت آئل ريفائنري جو منافعو تمام گهٽائي سگهي ٿي. سينيٽ ڪاميٽي براءِ پيٽروليم مصنوعات جي صدر دلاور عباس بي بي سي ورلڊ جي نمائندي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سندس ڪاميٽي هن بجيٽ ۾ حڪومت کان سفارش ڪرائي هئ يته پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس گهٽايو وڃي.

 

اسين حڪومت کي اهو به چيو هو ته مارڪيٽنگ ڪمپنيون ۽ ڊيلرز جي منافعي ۾ به گهٽتائي ٿي سگهي ٿي پر حڪومت هن گهٽتائي بدران هنن غير ملڪي ڪمپنين جو منافعو وڌائي رهي آهي.

 

هن چيو ته مارڪيٽنگ ڪمپنيز کي اهو وڌيڪ منافعو چار سال اڳ ڏيڻ شروع ڪيو ويو هو ۽ هنن کي چيو ويو هو ته هو ملڪ لاءِ تيل جا اضافي ذخيره ٺاهن. اهو پروجيڪٽ هاڻي مڪمل ٿي چُڪو آهي ۽ هن منافعي تي نظرثاني جي ضرورت آهي پر حڪومت پنهنجي سُستي ۽ نااهلي سبب ڪو به پاليسي جوڙي ڪونه سگهي آهي.

 

بي بي سي جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com