کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > يندڙ سال چين صنعتي اُپت ۾ آمريڪا جي سئو سال پوئتي ڇڏيندو

يندڙ سال چين صنعتي اُپت ۾ آمريڪا جي سئو سال پوئتي ڇڏيندو

ويچار ڊيسڪ
August 12th, 2008

گلوبل انسائٽ فنانشل ٽائمز لاءِ اڳڪٿي ڳئي آهي جنهن موجب ايندڙ سال چين دنيا جي صنعتي پيداوار جو 17 سيڪڙو يا يارهن هزار ست سئو ٽياسي بلين ڊالر پيدا ڪندو ۽ آمريڪا سورهن سيڪڙو.

 

گذريل سال تائين به انهيءَ گلوبل انسائٽ جي اڳڪٿي هئي ته آمريڪا ويهه سئو تيرهن تائين دنيا ۾ نمبر ون رهندو پر آمريڪا ۾ معيشت ۾ گهٽتائي سان انگ اکر کان ڪيتري وڌيڪ پيداوار ۾ نقصان ٿيو آهي.

 

هن تبديلي سان آمريڪا جي پيداوار ۾ سئو ورهين جي صدارت ختم ٿي ويندي ۽ چين سندس پراڻي حيثيت برقرار ڪري سگهندو. معاشي تاريخ دانن جو چوڻ آهي ته چين ارڙهن سئو سال معاشي پيداوار ۾ صدر رهيو آهي. هن جي صدارت ارڙهن سئو چاليهه جي ويجهو ختم ٿي جڏهن برطانيه صنعتي انقلاب سان نمبر ون بڻجي ويو هو.

 

فاناشل ٽائمز ۽ پيٽر مارش جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com