هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني ۾ معني جولاء ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني رهواسين پاڪستان ۾ پئسا موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني رهواسين جولاء جي مهيني ۾ 62 ڪروڙ 70 لک ڊالر جي رقم وطن موڪلي آهي. ائين ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن هڪ مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ ملندڙ ترسيلون آهن. سموريون ڏکيايون ۽ مسئلن کانپوءِ 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال جي دوران ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني رهواسين طرفان موڪليل پئسا الاهي هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 6 ارب ڊالر ترسيل پاڪستان کان ملي آهي.
اقتصادي بحران جو شڪار ٿيل ملڪ لاءِ اها رقم هڪ وڏي مدد جي طور تي ڏسڻ ۾ اچي رهي آيه جنهن ٻاهرين ادائيگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ملڪ جو سياسي منظر نامو ته ڳڻتي جوڳو آهي پر اقتصادي بحران به گهٽ ناهي.
تجزيه نگارن عام طور تي معاشي عدم استحڪام جو وڏو ڪارڻ سياسي بحران کي به ڄاڻايو آهي. پر ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته معيشت کي پيش بحران صرف پاڪستان ۾ ئي نه بلڪ سموري دنيا جون ٻيون معيشتون به ساڳئي صورتحال جو شڪار ٿيل آهن.
تيل جي عالمي قيمتن ۾ گذريل هل سال دوران ٿيندڙ واڌ، جنسن جي پيداوار ۾ گهٽتائي سان قيمتن ۾ واڌ ۽ هن جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي ڦهلاءُ جي وڌيڪ شرح ملڪن لاءِ وڏو مسئلو رهي آهي ۽ صرف پاڪستان ئي اهڙي صورتحال جو شڪار ڪونهي.
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ٻاهريان ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستاني قانوني طريقي سان رقم اُماڻي رهيا آهن بلڪ هن ۾ ٿيندڙ اضافو به وڏي اهميت رکي ٿو.
آمريڪا، برطانيه، سعودي عرب، وچ اوڀر سميت سموري ملڪن کان ايندڙ پئسو وڌي رهيو آهي.