صدر جي استعفي جون خبرون اچڻ کانپوءِ اڄ ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر ۾ هڪ رپيو ويهه پئسي جو اضافو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڊالر جي قيمت وڪرو گهٽجي ڪري پنجهتر رپيه ۽ چاليهه پئسو ٿي وئي آهي.
ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ صبح کان ئي صدر جي استعفي جون خبرون ٻُڌي ڪري تيزي هئي ۽ انڊيڪس ست سئو پوائنٽ جي سطح کان به وڌي وئي. جولاء ۾ مارڪيٽ هن سطح تي ڏسڻ ۾ آئي هئي. اڄ انڊيڪس ۾ ساڍا چار سئو پوائنٽ جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ايڪسچينج جي ممبرن ۽ واپارين مشرف جي استعفي جو آڌر ڀاءُ ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي ته مشرف جي استعفي سان ملڪ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي.
ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي سينيئر ممبرن صديق دلال، عقيل ڪريم ڍڍي، ڪراچي چيمبر جي اڳوڻي صدر سراج قاسم تيلي، فيڊريشن چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر طارق سعيد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مشرف جي استعفي جي فيصلي سان ملڪ ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال دنگ ڪندي.
اسٽاڪ بروڪرز جو چوڻ هو ته صدر جي استعفي سان منڊي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ بُرائي ختم ٿيندي ۽ مقامي ۽ ٻاهرين سرمائيدارن جو ڀروسو وڌندو. گذريل ڪجهه ڏينهن تائين ايوان صنعت ۽ تجارت ڪراچي ۽ وفاق ايوان هاء صنعت و تجارت صدر کي ٽپال ذريعي ملڪ جي فلاح لاءِ استعفي ڏيڻ جي صلاح ڏني هئي.