حڪومت مالي خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ميڪرو اڪنامڪس استحڪام لاءِ پبلڪ سيڪٽر ترقياتي پروگرامن ۾ سئو ارب رپين جي گهٽتائي ڪندي. ناڻي واري وفاقي وزير نويد قمر موجب حڪومت مالي سال ۾ خسارو گهٽ ڪري 4.7 سيڪڙو ڪرڻ چاهي ٿي جنهن لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ خساري سبب ٻيا ڪيترا ئي فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اڃان تائين 6 دفعو اضافو ڪري سگهجي ٿو، گئس جون قيمتون وڌايون ويون آهن جڏهن ته بجلي جي قيمتن ۾ به ڪجهه ئي ڏينهن اندر اضافو ٿي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته حڪومت جي سامهون زرمبادله جي زخيرن ۾ گهٽتائي تمام وڏو مسئلو آهي. واضع رهي ته زخيره ڏهه ارب جي سطح کان گهٽجي ويا آهن.
نويد قمر جو چوڻ آهي ته تيل جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت کي ڏنل سبسڊي ختم ٿيندي. سموري سرڪاري ادارن ۽ کاتن جي ضمني گرانٽ بند ڪئي وئي آهي ۽ غير ملڪي دورن ۾ گهٽتائي جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن.
اهڙي ترقياتي منصوبن لاءِ جاري ڪيل رقم بند ڪئي ويندي جن جا اقتصادي فائده نه هجن. پر هن ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي کي افسوس چيو آهي. حڪومت جي هن فيصلي کانپوءِ پنج سئو ارب رپي جو ترقياتي پروگرام چار سئو پنجاهه ارب رپيا رهجي ويندو.
عالمي مالياتي اداري جو دٻاءُ آهي ته بجيٽ خسارو 4.3 سيڪڙو گهٽايو وڃي. پر حڪومت هن کي ناممڪن چوندي يقين ڏيارايو آهي ته خسارو 4.7 سيڪڙو کان وڌڻ ڪونه ڏنو ويندو.