کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > عوام بئنڪن مان اربين رپيا ڪڍايا، بئنڪ رقم جي کوٽ جا شڪار

عوام بئنڪن مان اربين رپيا ڪڍايا، بئنڪ رقم جي کوٽ جا شڪار

ويچار ڊيسڪ
September 2nd, 2008

رمضان کان پهريان ماڻهن بئنڪن مان اربين رپيا ڪڍايا جنهن کانپوءِ رقم جي کوٽ جو شڪار ٿيل بئنڪن کي مرڪزي بئنڪ کان اُوڌر وٺڻو پيو. بينڪاري وسيلن جيو نيوز کي ٻڌايو آهي ته پهرين ستمبر تي رمضان المبارڪ کان پهريان ماڻهن جي وڏي انگ بئنڪن جو رُخ ڪيو يا وري وڏيون وڏيون رقمون ڪيش جي صورت ۾ ڪڍايون يا هنن جو پي آرڊر ٺهرايو ويو.

 

ٻي پاسي اڪائونٽس ۾ رقم جمع ڪرائڻ جي ڪائونٽر تي رش ڏسڻ ۾ نه آوي. رقم ڪڍائڻ سان بئنڪ فنڊز جي کوٽ جا شڪار ٿيا جنهن لاءِ هنن اسٽيٽ بئنڪ کان امداد گهري. مرڪزي بئنڪ جي ترجمان سيد وسيم الدين جيو نيوز کي ٻڌايو آهي ته بئنڪن سرمائي جي کوٽ جي پورائي لاءِ اسٽيٽ بئنک کان پوڻا نو ارب رپي کان وڌيڪ رقم ٿوري عرصي لاءِ اُوڌر ورتي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com