عالمي مالياتي اداري معني آءِ ايم ايف جي ٽيم 12 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچي رهي آهي. اها ٽيم انتظاميه سان معيشت کي بحران مان ڪڍڻ باري ڪاروايون ۽ اداري جي مدد جي حوالي سان ڳالهه بولهه ڪندي. بحران جو شڪار ٿيل پاڪستاني معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف سميت مالياتي ادارن جي سهڪار جي حد کان وڌيڪ گهرج آهي ان ڳالهه جو امڪان تمام وڌيڪ آهي ته پاڪستان هڪ دفعو وري آءِ ايم ايف پروگرام جي سهڪار حاصل ڪندو جنهن جي لاءِ سخت اقتصادي فيصلا ڪرڻا پوندا.
ملڪ ۾ تيل، گئس ۽ بجلي جون قيمتون هنن ادارن جي دٻاءُ ۽ معيشت جي بحالي ڏانهن وڌيڪ سخت فيصلن جي اُميد ڪئي وڃي ٿي. اڳوڻي حڪومت ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام کان ٻاهر نڪري ويو هو پر هڪ دفعو وري هن ڳالهه جو خدشو آهي ته ڊفالٽ کان بچڻ لاءِ هن کي آءِ ايم ايف جي سهڪار جي گهرج پوندي.
هن مهل ملڪ جي زرمبادله جا زخيره نو ارب ڊالر جي سطح تائين آهن. گذريل اٺ مهينن ۾ زخيرا ست ارب ڊالر گهٽجي ويا آهن. پاڪستاني ڪرنسي جي ڦهلاءُ ۾ ويهه کان وڌيڪ گهٽتائي سان 77 رپيا في ڊالر کان مٿي آهي. تجارتي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي رهيو آهي. واهپي جي شئين جون قيمتون به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن.
پاڪستان کي درآمدات ۽ ٻاهرين ملڪن جا ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ زرمبادله جي گهرج آهي جنهن لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان گڏ آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن کان مالي امداد ۽ اقتصادي تعاون جي حصول لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ماهر صورتحال کي معيشت جو بحران ڄاڻائي رهيا آهن.