کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > رقم لاءِ پاڪستان توانائي جا اهم وسيلا کپائڻ لاءِ تيار: آمريڪي اخبار

رقم لاءِ پاڪستان توانائي جا اهم وسيلا کپائڻ لاءِ تيار: آمريڪي اخبار

ويچار ڊيسڪ
September 9th, 2008

پاڪستان پنهنجا قيمتي تونائي جا وسيلا کپائڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيو آهي جنهن جو آغاز وڏي گئس فيلڊ وڪرو ڪرڻ سان ٿيندو ۽ هنن وسيلن ۾ قادر پور گئس فيلڊ، ڪوٽ ادو پاور پلانٽ، هزاره فاسفيٽ فرٽيلائزر، ڄامشورو پاورم پرنٽنگ پلانٽس لوڻ ۽ ڪوئلي جون سُرنگون پڻ شامل آهن، اها ڳالهه آمريڪي روزاني انٽرنيشنل پير الڊٽر يبون پنهنجي هڪ نئين رپورٽ ۾ ڄاڻائي آهي.

 

رپورٽ موجب پاڪستان رقم لاءِ اُتاولو آهي ۽ پنهنجا توانائي جا وسيلا وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهي ڇاڪاڻ ته هن کي اُميد آهي ته هو اهڙي غير ملڪي ۽ ملڪي شاهوڪارن کان جيڪي صنعت ۽ بئنڪنگ جي کاتن ۾ آهن، سان ڊيل ڪري اربين ڊالر ڪمائي سگهي ٿو.

 

تفصيل موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي تحريڪ تڏهن شروع ڪئي وئي آهي جڏهن آصف علي زرداري صدارت جو عهدو سنڀالڻ وارو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ سست رفتار معيشت جي ڪارڻ ٿي رهيو آهي.

 

پاڪستان هن مهل خساري کانپوءِ به جيڪو هن ڌماڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي پنهنجي معيشت جي استحڪام لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. 21 بلين جو تجارتي خسارو افراط زر جيڪو گذريل 30 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ جولاء ۾ 24.3 سيڪڙو رهيو ۽ وڌندڙ بيروزگاري جي شرح جيڪا 2009ع ۾ 6.6 سيڪڙو ٿي ويندي.

 

رپورٽ ۾ هڪ بئنڪر جو حوالو پيش ڪيو ويو آهي جنهن پاڪستاني حڪومت کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري جا سمورا آپشن استعمال ڪري رهيو آهي، حڪومت ڪيترن ئي بئنڪن سان معاهده ڪيا ته جيئن سرمايو ملي سگهي. غير ملڪي شاهوڪار جيئن ته بئنڪن ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ هن کي دنيا جي سڀ کان سٺي اسٽاڪ ايڪسچينج ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي هنن سياسي عدم استحڪام کان علاوه سرمايو ڪڍي ورتو جنهن ڪارڻ عالمي سرمايو گهٽجي ويو.

 

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ قادر پور گئس فيلڊ ۾ 2.9 ٽربلين ڪيوبڪ فٽ گئس آهي يا 82.1 بلين ڪيوبڪ ميٽر قدرتي گئس جا ذخيره درياء سنڌ جي سيلابي ميدان ۾ چار سئو پنجويهه ڪلوميٽر ڪراچي جي اُتر اوڀر ۾ آهي هن جي قيمت بئنڪن جي ٻه تجزيه نگارن 3 بلين ڊالر طئي ڪئي آهي پاڪستان هن آفر تي غور ڪري رهيو آهي آفر ڪندڙن ۾ هو غير ملڪي ڪمپنيون به جيڪي پهريان ئي پاڪستان جي توانائي جي صنعت ۾ رڌل آهن جيئن ته ڪويتي اسٽيٽ ڪارپوريشنز ۽ ادايم ڊي پرائيويٽ آسٽريلين ڪمپني شامل آهن.

 

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قادر پور گئس فيلڊ جي وڪرو ٿيڻ سان اختلاف پيدا ٿيندا ڇاڪاڻ ته اهو فيلڊ اسٽريجڪ انرجي وسيلو سمجهيو ويندو آهي هن ڳالهه جي ضمانت نه آهي ته اها فيلڊ وڪرو ٿيندي، پاڪستان جي پرائيويٽيشن ڪميشن آگسٽ ۾ چيو هو ته هو ڪوٽ ادو پاور کي به وڪرو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ هونئن هزار فاسفيٽ فرٽيلائزر کي خانگي شعبي ۾ ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو ائين ڄامشورو پاور پرنٽنگ پلانٽس ۽ سالٽ ۽ ڪوئلي جون ڪانون به پرائيويٽ کاتي کي ڏيڻ جو پروگرام آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com