کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > پنج سيڪڙو منافعو وڌائڻ کانپوءِ به بئنڪن مان رقم ڪڍائڻ جو سلسلو

پنج سيڪڙو منافعو وڌائڻ کانپوءِ به بئنڪن مان رقم ڪڍائڻ جو سلسلو

ويچار ڊيسڪ
September 10th, 2008

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر طرفان اڪائونٽ هولڊرز کي گهٽ ۾ گهٽ پنج سيڪڙو وڌيڪ منافعو ڏيڻ کانپوءِ به بئنڪن مان رقمون ڪڍائڻ جو عمل جاري آهي. مرڪزي بئنڪ طرفان جاري ٿيڻ واري مانيٽري ڊيٽا موجب مالي سال جي پهرين مهيني ۾ اڪائونٽس ۾ موجود رقمن ۾ 162 ارب رپي جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

 

22 مئي 2008ع تي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڊاڪٽر شمشاد اختر عبوري مانيٽري پاليسي جي اجرا جي موقعي تي اڪائونٽ هولڊرز کي هڪ سيڪڙو شرح منافعو ڏيڻ ۽ بئنڪن تي تنقيد ڪندي اڪائونٽ هولڊرز کي گهٽ ۾ گهٽ پنج سيڪڙو وڌيڪ منافعو ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو پر هن باوجود به اڪائونٽ هولڊرز پنهنجي اڪائونٽن مان رقم ڪڍائي رهيا آهن.

 

معيشت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته بئنڪ افراط زر جي مقابلي ۾ منفي شرح منافعو ڏئي رهيا آهن. هن ڪارڻ ماڻهون پنهنجي بچت روزانو ٿيندڙ خرچ پورا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com