کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > آمريڪي مالي بحران: وڏيون ڪمپنيون بحران جون شڪار

آمريڪي مالي بحران: وڏيون ڪمپنيون بحران جون شڪار

ويچار ڊيسڪ
September 16th, 2008

آمريڪا ۾ هلندڙ وڏي مالي بحران سبب ملڪ جي چوٿين وڏي سرمائيدار اداري ليهمين برادرز نقصان قرار ڏيڻ جي درخواست پيش ڪئي آهي، جنهن سان عالمي مالياتي نظام کي نقصان رسيو آهي. هنن مهينن ۾ هڪ سئو پنجاهه سال پراڻي هن بئنڪ کي آمريڪي مارٽيگج مارڪيٽ ۾ اربين ڊالرن جو نقصان رسيو آهي. ليهمين برادرز جو چوڻ هو ته هنن اها درخواست آمريڪي ”بئنڪر پٽسي ڪوڊ“ جي باب يارهن هيٺ ڏني آهي، جنهن موجب نقصان ٿيڻ کانپوءِ اداري کي قرضدارن کي قرض واپس ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٻيهر منظر ڪرڻ جي مهلت ڏني ويندي آهي.

 

آمريڪا جون ٻيون ڪيتريون ئي ڪمپنيون بحران جو شڪار ٿيل آهن ۽ هن جو اثر سموري دنيا ۾ شيئرز جي گهٽجندڙ قيمتن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. چيو پيو وڃي ته آمريڪي وال اسٽريٽ ۽ اهڙا چويهه ڪلاڪ گذريا آهن جن کي اُڻويهه سئو ويهه کانپوءِ سڀ کان وڏا غير معمولي چيو پيو وڃي جن ۾ دنيا جون وڏيون وڏيون ڪمپنيون مالي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد جو مطالبو ڪري رهيون هيون.

 

اهڙي هڪ ٻي ڊرامائي پيش رفت ۾ اطلاعن موجب دنيا ۾ سڀ کان وڏي بروڪريج فرم ميرل لنچ هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته بئنڪ آف آمريڪا هن کي پنهنجو ماتحت ڪندو. نيويارڪ ٽائمز ۽ وال اسٽريٽ جرنل موجب هي ڊيل پنجاهه ارب ڊالر ۾ طئي ٿي آهي.

 

دنيا جا وڏا بئنڪ ۽ مالياتي اداره مالياتي بحران جو شڪار ٿيل ادارن جي سهڪار لاءِ ستر ارب ڊالر جي خصوصي قرضن لاءِ متحد ٿيا آهن.

 

سرمائيدار اداري لهمن برادرز جي برباد ٿيڻ کانپوءِ سموري دنيا جي مالياتي نظام جو حد کان وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي بئنڪ ليهمين برادرز سان ڪيل پنهنجي پيچيده ڊيل ختم ڪرڻ شروع ڪندا. ائين دنيا جي سڀ کان وڏي انشورنس ڪمپني اي آءِ جي به آمريڪا جي مرڪزي ريزرو بئنڪ کان اٽڪل چاليهه ارب ڊالر جي فنڊ جو مطالبو ڪري رهي آهي.

 

آمريڪا ۾ هلندڙ مالي بحران جي سبب ڪيترن ئي ملڪن ۾ شيئرز جون قيمتون تيزي سان گهٽجي رهيون آهن. آسٽريليا ۾ انڊڪس 2.5 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي ۽ سنگاپور ۾ 3 سيڪڙو کان وڌي ويو آهي. ٽائيوان ۾ 4 ۽ انديا ۾ 5 سيڪڙو کان به الاهي گهٽتائي ٿي آهي. لنڊن ۾ مرڪزي انڊيڪس اٽڪل 3 ۽ فرانس ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.

 

يورپ ۾ اٽلي جي فضائي ڪمپني الاطاليه کي بچائڻ لاءِ اُميد آهي ته سومر تي ڳالهه بولهه جو سلسلو شروع ٿيندو. الاطاليه ٻه ارب ڊالر جو مقروض آهي ۽ هو انتظاميه ڪاميٽي تحت ڪم ڪري رهي آهي. ڪمپني جا ملازم ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪمپني کي بچائڻ لاءِ ماڻهن جون نوڪريون ختم نه ٿين نه وري پگهارن ۾ گهٽتائي ٿئي. اُميد آهي ته هن ڪم ۾ هزارين ماڻهون نوڪريون وڃائي سگهن ٿا.

 

ليهمين برادرز جو ڪم تمام ٿيڻ ۾ ڪيترا ئي مهينا لڳي سگهن ٿا ۽ هن کان علاوه بئنڪ ۽ مالياتي اداره حد کان وڌيڪ غير يقيني صورتحال جا شڪار ٿي ويندا. ليهمين برادرز جي ٻن ممڪنه خريدار بئنڪن برطانيا جي بارڪلينز ۽ بئنڪ آف آمريڪا جي هن مسئلي کان دستبردار ٿيڻ کانپوءِ ليهمين برادرز جو برباد ٿيڻ لازمي ٿي ويو هو.

 

ليهمين برادرز جا سموري دنيا ۾ پنجويهه هزار ملازم آهن جن مان پنج هزار صرف برطانيا ۾ هن جي شاخن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. بار ڪلينز بئنڪ طرفان ليهمين جي ڊيل کان دستبردار ٿيڻ آمريڪا جي هن چوٿين وڏي بئنڪ کي بچائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن لاءِ وڏو صدمو آهي.

 

ليهمين برادرز کي گهرن جي خريداري لاءِ جاري ڪيل قرضن ۾ ڪروڙين ڊالرن جو نقصان رسيو آهي. بي بي سي موجب دنيا جي سڀ کان وڏي شيئر مارڪيٽ وال اسٽريٽ آمريڪا ۾ سال اڻويهه سئو ٽيهه جي وڏي ڪساد بازاري کانپوءِ اڃان تائين ڪو مالياتي ادارو برباد ٿيڻ جي حد تائين ڪونه پهتو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com