اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيندڙ بم ڌماڪي کانپوءِ پاڪستان جي غير ملڪي زرمبادله جي ذخيري ۾ وڌيڪ نو ارب ڊالرز جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ اُهي ذخيره گهٽجي ڪري 8 ارب 82 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب 25 سيپٽمبر تائين مرڪزي بئنڪ وٽ 5 ارب 40 ڪروڙ ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 3 ارب 41 ڪروڙ ڊالر جا ذخيره موجود هئا.
هلندڙ مهيني جي پهرين هفتي تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ غير ملڪي زرمبادله جا ذخيره 9 ارب 91 ڊالر هئا جنهن ۾ هوريان هوريان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ اڃان تائين هن ۾ 306 ملين ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي. ٻي پاسي پاڪستاني ڪرنسي خمس تي به آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ گهٽ سطح تائين رهي ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي قيمت 78 رپي تائين پهتي آهي. ماهرن موجب ملڪ جي وڌندڙ تجارتي خساري سان ٻاهرين ادائيگين جو حجم وڌي رهيو آهي جنهن جي تحت پاڪستاني ڪرنسي دٻاءُ جو شڪار آهي.
تجزيه نگار مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته ميريئٽ هوٽل جي بم ڌماڪي سان معيشت کي ڇيهو رسايو ويو آهي ۽ هن ڌماڪي کانپوءِ الاهي ماڻهن جي دماغ ۾ بُرا خيال پيدا ٿيا آهن جڏهن پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ محفوظ علائقن ۾ ائين ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪٿي به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
سندس موجب خاص طور تي غير ملڪي شاهوڪارن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ضرور آهي. ان ڪري هو ملڪ مان ٻاهر هليا ويا آهن ۽ هن حساب سان سرمائيداري به گهٽجي رهي آهي.
مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته هن واقعي کانپوءِ ماڻهون ڊيڄي رهيا آهن ۽ هو پنهنجو سرمايو ۽ جان مال کي محفوظ نه ٿا سمجهن. معيشت لاءِ هي شئيون سُٺيون نه آهن. ٻاهريان زرمبادله ۽ سرمائيداري واپس آڻڻ گهرجي. دورن کان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به محدود سطح تي ڪاروباري ڪاروايون جاري آهن ۽ خمس تي ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس 6.6 پوائنٽ جي گهٽتائي کانپوءِ 9 هزار 184 پوائنٽ تي بند ٿي.