کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > معيشت ۽ ڪاروبار > آمريڪي بئنڪن کانپوءِ يورپي بئنڪن جي ٻُڏڻ جو خطرو

آمريڪي بئنڪن کانپوءِ يورپي بئنڪن جي ٻُڏڻ جو خطرو

ويچار ڊيسڪ
October 6th, 2008

برطانيا جي هڪ معاشي اخبار ٻڌايو آهي ته آمريڪا جي مقابلي ۾ يورپي بئنڪن جي بيلنس شيٽ تمام ڪمزور آهي ۽ هنن جي ٻُڏڻ جو خطرو گهڻو آهي.

 

دي اڪانومسٽ موجب آمريڪا جي بئنڪن لڳ ڀڳ هڪڊالر جي کاتن تي 96 سيڪٽ جو قرض ڏنو آهي جڏهن ته يورپي بئنڪن لڳ ڀڳ هڪ پائونڊ جي کاتن تي هڪ پوائنٽ چاليهه پائونڊ قرض ڏنو آهي. ان ڪري باقي جي رقم پوري ڪرڻ لاءِ يورپي بئنڪ منڊي مان قرض کڻڻ تي مجبور نظر ايندا.

 

اخبار لکيو آهي ته هن وقت منڊي مان قرض کڻڻ مهانگو آهي ۽ لنڊن انٽر بئنڪ جي وياج جي شرح 6 سيڪڙو جي ويجهو آهي جڏهن ته بئنڪ يارهن سيڪڙو وياج تي به قرض وٺڻ لاءِ راضي آهن جيڪو هاڻوڪي بحران جي مقابلي ۾ پنج سيڪڙو وڌيڪ آهي.

 

تجزيي ۾ هن ڊپ جو اظهار ڪيو ويو آهي ته هي مالياتي بحران يورپ کانپوءِ ايشياء جي منڊين کي به برباد ڪري ڇڏيندو ائين هي مالياتي بحران معاشي بحران ۾ بدلجي سگهي ٿو. اخبار جو چوڻ آهي ته تيل ۽ ٻين وسيلن جي مُلهه ۾ گهٽتائي ۽ ڪرنسي جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي کي ڏسندي مرڪزي بئنڪ جيڪڏهن وياج جي شرح گهٽائيندا ته بئنڪن تي وڌندڙ دٻاءُ گهٽجي سگهي ٿو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com