خبري اداري بي بي سي ايشيا جي اڳواڻن لاءِ تيار ويب سائيٽن جي باري ۾ مشهور برطانوي ويب سائيٽن کي تيار ڪرڻ واري اداري ٽربو ويب لميٽڊ جي ماهر ڪيٿ بليڪ جي راء ورتي آهي. هن جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ ڏجي ٿي ته ڪنهن اڳواڻ جي ويب سائيٽ ڪيئن آهي.
نيپالي وزير اعظم

اسان جو خيال آهي ته ويب ۾ استعمال ٿيل رنگ ڀلي چٽا آهن پر انهن جي استعمال ڪرڻ جو طريقو تمام سٺو آهي. ويب جا ڪجهه ڀاڱا اڃا مڪمل ڪونه آهن، انهي ڪري اها ويب سائيٽ ڪنهن اناڙي جو ڪم لڳي ٿي. ويب تي انگريزي لاءِ جيڪو بٽڻ ڏنو ويو آهي اهو ڪم نٿو ڪري ۽ لک پڙھ لاءِ نه ئي ڪو فارم تيار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ٻي ڪا ضرورت جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. تصويرن لاءِ هلڪي باڪسن جو استعمال چڱو آهي.
www.cmprachanda.com
نمبر : ڏهن مان پنج
پاڪستاني صدر:

انهي ويب سائيٽ جي جوڙ جڪ پراڻي نموني جي آهي. ويب سائيٽ اڃا تيار ٿي رهي آهي. کاٻي پاسي وارن بٽڻن سان آساني سان هڪ کان ٻي پني تي وڃي سگھجي ٿو. خبرن واري ڀاڱي کي باقاعدگي سان تازو رکيو ويندو آهي. پوءِ به لک پڙھ ۽ پيغام لاءِ ڪو مناسب طريقو ناهي ڏسيو ويو.
http://www.presidentofpakistan.gov.pk
نمبر : ڏهن مان چار
افغاني صدر:

استعمال ڪرڻ ۾ تمام آسان. لک پڙھ لاءِ چڱو لنڪ آهي، پر ويب تي ڏنل افغانستان جي سفارتخانن جي پتن مان خبر پوي ٿي ته اها ويب تيار ڪرڻ وقت ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کان وڌيڪ ٻاهرين ماڻهن جي سهولتن کي ڏٺو ويو آهي. انهي کان سواءِ انگريزي جي آمريڪي هجي کان هي لڳندو آهي ته ويب سائيٽ تيار ڪرڻ وقت آمريڪين به هٿ ونڊايو آهي.
http://www.president.gov.af
نمبر : ڏهن مان پنج
بنگلہ ديش جو وزير اعظم:

ڏسڻ ۾ سهڻي ۽ استعمال ۾ تمام آسان ويب سائيٽ، رنگا رنگ هيڊر، ڪا به شيءَ حد کان ٻاهر ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڳولها لاءِ تمام ئي آسان طريقو. لک پڙھ جي سٺي ڄاڻ ڏني وئي آهي ۽ اي ميل جي سهولت به آهي.
http://www.pmo.gov.bd
نمبر ڏهن مان ست
سري لنڪن صدر:

وڌيڪ آوازن واري سائيٽ. هيڊرز ۾ فليش جو استعمال ڪيو ويو آهي. ڪجهه اسڪرول تمام سهڻا ۽ ڪجهه آڻڻ جهڙا آهن، پر ويب تي اڃا تائين نئين سال جو ڏنل سنيهو لڳل آهي. تصويرن سان ڀريل اها سائيٽ استعمال ڪرڻ ۾ به آسان آهي.
http://www.mahindarajapaksa.com
نمبر : ڏهن مان ڇهه
ہندوستاني وزير اعظم:

تمام سست ويب آهي، لڳي ٿو ٽڪرن ۾ ونڊيل آهي. انهي سان گڏ هي پيغام ته انٽرينيٽ ايڪسپلورر پنج ۽ انهي کان پوءِ وارن لاءِ سٺي، پاڻ ئي اهو پيغام ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي آس رکڻ گھرجي. پوءِ به اها ويب استعمال ۾ آسان آهي. رابطي لاءِ سڀ نمبر ڏنل آهن. پر هندوستان جهڙو ملڪ جنهن کي آئي ٽي ۾ تمام اڳيان سمجھيو ويندو آهي انهي کان سٺي ويب به تيار ڪري سگھي ٿو.
http://pmindia.nic.in
نمبر : ڏهن مان ڇهه
صدر مالديپ

ڏسڻ ۾ سهڻي ۽ گڏو گڏ تازي ڄاڻ ڏيڻ واري سائيٽ آهي. انهي تي هر نموني جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ڊائونلوڊ ڪرڻ وارا نقشا ۽ تقريرون به شامل آهن. پر خط ڪتابت يا لک پڙھ لاءِ ڪا مناسب جاءِ ڪونه آهي ۽ نه ئي ايل ميل يا ٽيليفون نمبر ڏنل آهي.
http://www.presidencymaldives.gov.mv
نمبر : ڏهن مان ست
ڀوٽاني حڪومت:

موهي ڇڏڻ واري رنگن سان سينگاريل ويب سائيٽ آهي. جيڪا پهرين پني کان ئي سٺي لڳندي آهي. دلچسپ ڳالهه هي آهي ته نه ئي شاھ ۽ نه ئي وزيراعظم جي ڪا ڌار ويب سائيٽ آهي. حڪومتي سائيٽ تي تمام ڄاڻ ڏني وئي آهي، انهي حد تائين جو ٻارن جون رانديون به لڳل آهن، پر ڪجهه لنڪ ايترا چٽا ناهن جيترا هجڻ گھرجن. ڊائون لوڊ جي پنن تي ڪجهه غلطيون به آهن.
http://www.bhutan.gov.bt
نمبر : ڏهن مان ست
ڪيٿ بليڪ جا وچار
ڏکڻ ايشيا ۾ عام طور تي ۽ هندوستان ۾ خاص طور تي جهڙي قسم جا ماهر ماڻهو آهن انهن کي ڏسندي اهي سڀ سائيٽون چڱيون آهن پر اهي ايترون چڱيون به ڪونه آهن جيترو انهن کي هجڻ گھرجي. انهن جا برائوزر تمام سوڙها آهن جنهن جي ڪري خالي جايون تمام گھڻيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، انهي کان سواءِ ڪنهن به سائيٽ تي ويڊيو جي ڪا سهولت موجود ڪونهي. ٿي سگھي ٿو ته انهي جو ڪارڻ هي هجي ته دنيا جي هن علائقي ۾ سياستدانن کي اڃا انٽرنيٽ وسيلي ماڻهن سان رابطي جي اهميت جي خبر به نه هجي. هن وقت ته هي چئي سگھجي ٿو ته هي سائيٽون يورپ ۽ آمريڪا کان اڃا ٻه ٽي سال پويان آهن پر جيئن هن ميدان ۾ هن علائقي جا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن ته اها حالت اڳيان ڪونه هوندي.
بي بي سي جي مهرباني سان