سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ گرمي وڌڻ ( گلوبل وارمنگ ) جو وڏو ڪارڻ ٿلها آهن. ٿلها تمام گھڻو کائيندا آهن انهي ڪري انهن لاءِ پچائڻو به گھڻو پوندو آهي جنهن جي ڪري ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ تمام گھڻي ٿيندي آهي. انهي کان سواءِ ٿلها هلڻ کان به بيزار هوندا آهن انهي ڪري اهي گاڏيون گڻيون هلائيندا آهن انهي سان به ماحول جي بربادي ٿيندي آهي.
لنڊن اسڪول آف هائيجين اينڊ ٽراپيڪل ميڊيسن جي ڊاڪٽر فل ايڊورڊ جو چوڻ آهي ته ٿلهو جسم کڻي هلڻ هڪ اهري گاڏي هلائڻ جي برابر آهي جيڪا گيس کي کائيندي آهي. هر ٿلهو ماڻهو سنهي ماڻهو کان وڌيڪ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ساليانو پيدا ڪندو آهي.
هن اسڪول جي کوجين جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ٻين امير قومن جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن ٿلها ٿيندا پيا وڃن. ڊاڪٽر فل جو چوڻ آهي ته ماني پچائيندي خطرناڪ گيسن جو پنجون حصو ماحول ۾ رهندو آهي.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اسين ٿلهن تي ڪو الزام نٿا هڻون پر سڄي آبادي هن پاسي وڌي رهي آهي ۽ هن جو ماحول تي خراب اثر پئي رهيو آهي.