کونگرن تي اکثر گھڻو ڌيان ناهي ڏنو ويندو. پر زهن ۾ رکو ته اهي ڪنهن جي جنسي زندگي برباد به ڪري سگھن ٿا. اها ڳالهه هڪ مشهور برطانوي ڊاڪٽر ٻڌائي آهي
ڊاڪٽر مارڪ پوٽر جو چوڻ آهي ته ننڊ ۾ کونگرا ڪرڻ واري ماڻهو جي شخصيت تي خراب اثر پوندو آهي. انهي سان ئي هن جي جنسي زندگي تي به اثر پوندو آهي ۽ گڏ دل جي دوري سان هن جي مرڻ جو ڊپ به هوندو آهي.
ڊاڪٽر موجب اهڙي ماڻهو کي ساھ کڻڻ وقت محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ انهن ۾ آڪسيجن جي گھٽتائي ٿي ويندي آهي ۽ هن جو رنگ نيرو ٿي ويندو آهي، انهي کان سواءِ ساھ کي درست ڪرڻ لاءِ ماڻهوکي ننڊ مان اٿارڻو پوندو آهي ۽ هي عمل رات جو ڪيئي ڀيرا ٿيندو آهي.