کلاسک

WebSite    

وچار > مردن لاءِ به ٻار روڪڻ لاءِ ٽڪا تيار

مردن لاءِ به ٻار روڪڻ لاءِ ٽڪا تيار

وچار ڊيسڪ
May 6th, 2009

تجربي مان خبر پئي آهي ته حمل روڪڻ ۾ مردن لاءِ حمل روڪڻ جو انجيڪشن ايئن ئي فائدي مند آهي جيئن عورتن ۾ حمل روڪڻ لاءِ ٽڪو يا ڪونڊوم.

ماهرن جو خيال آهي ته مردانه هارمون ٽيسٽو سٽيرون يا نطفي جي پيداوار ۾ ڪمي ڪندا آهن انهي ڪري حمل روڪڻ وارن طريقن ۾ هي انقلاب آڻي سگھي ٿو. هڪ سائنسي رسالي جنرل آف ڪلينڪل اينڊوڪرائينولوجي اينڊ ميٽابولزم جي رپورٽ موجب چين ۾ ڪيل هڪ تجربي ۾ هڪ سو ماڻهن کي جڏهن هي ٽڪا ڏنا ويا ته انهن مان رڳو هڪ ماڻهو ئي پي ٿي سگھيو.

پر جڏهن هن انجيڪشن کي روڪيو ويو ته تڏهن تجربي ۾ شامل سمورن ماڻهن جا سپرم ٺيڪ ٿي ويا. خانداني منصوبه بندي جي حمايتين هن خبر کي سارهائيندي اها اميد ظاهر ڪئي آهي ته انهي سان زالن کي هڪ ٻيو حمل ڪيرائڻ جو طريقو ملي ويندو ۽ هن ڪم ۾ هاڻ مرد به برابر جو ڪردار ادا ڪري سگھندا.

پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي نتيجا حتمي ناهن جنهن جي لاءِ اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats