جرمني ۾ ڪارن جي ڪمپني بي ايم ڊبليو گاڏين ۾ هڪ اهڙو نظام هڻڻ جي باري ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ ايڪسيڊنٽ وارين حالتن ۾ گاڏي اڳ ۾ ئي ڊرائيور کي ٻڌائي ڇڏيندي ته جيڪڏهن هو ڪجهه نه ڪري سگھيو ته گاڏي پاڻ ئي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي.
ڪيئي ڀيرا ڪو ٻار راند ڪندي ڪندي اوچتو روڊ تي نڪري ايندو آهي ۽ گاڏين ۾ ڦاسي پوندو آهي. انهن حالتن ۾ بي ايم ڊبليو جو هي نظام ٻار وٽ موجود هڪ سسٽم جي وسيلي هن سان رابطو ڪري هن کي گاڏي هيٺيان اچڻ کان روڪيندو، يا پوءِ ٻي گاڏي ۾ لڳل آلي سان رابطو ڪري ٻنهي گاڏين کي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان روڪيندو. اهي آلا ٻارن جي اسڪول، وسندين، موبائيل فونن ۽ ٻڍڙن جي لٺن اندر هڻي سگھجن ٿا.
جرمن حڪومت جي انگن اکرن موجب 48 سيڪڙو ايڪسيڊنٽ ٻارن جي بنا ڏسي روڊ تي اچڻ جي ڪري ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻي کوج موجب 40 سيڪڙو ايڪسيڊنٽ هن ڪري ٿيندا آهن ته ڊرائيور وقت تي ڪجهه ناهن ڪندا ۽ اهي پريشان ٿي ويندا آهن.