کلاسک

WebSite    

وچار > مصيبتن جو خطرو وڌي رهيو آهي : گڏيل قومن جو ادارو

مصيبتن جو خطرو وڌي رهيو آهي : گڏيل قومن جو ادارو

وچار ڊيسڪ
May 17th, 2009

گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ آفت يا مصيبتن جا خطرا وڌي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خراب منصوبه بندي، ماحولياتي تباهي ۽ موسمي تبديلين جي تت ۾ سڄي دنيا ۾ مصيبت جنم وٺي سگھي ٿي.

هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اچڻ وارن خطرن جي درست نشاندهي نه ٿيڻ جي ڪري سڄي دنيا ۾ ڪيئي لک حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ غريب ۽ امير ملڪن وچ ۾ ڪيئي پاليسين جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي. پوءِ کڻي 2004 جي سونامي ۽ پوئين سال چين ۾ اچڻ وارين قدرتي آفتون هيون جنهن کي ختم نه پئي ڪري سگھيو. پر انهن آفتن جي نتيجي ۾ نقصان ۽ گھاٽي جو اندازو ڪرڻ وارا ادارا، گلوبل اسسمنٽ ان ڊزاسٽررسڪ رڊڪشن موجب اسين پنهنجي نقصان جي خطري کي گھٽ ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجهه ڪري سگھون ٿا پر مسئلو هي آهي ته اسين هي نٿا ڪيون.

گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل مارگريٽا واهلسٽرام جو چوڻ آهي ته ڪيئي ملڪ هي ڄاڻڻ ۾ ناڪام آهن ته ڪيئن موسمي تبديلي انهنجي شهرن ۽ ڳوٺن تي اثر وجھندي آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats