{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > چڱي شادي شده زندگي لاءِ گھٽ عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪريو : سائنسي کوج

چڱي شادي شده زندگي لاءِ گھٽ عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪريو : سائنسي کوج

ويچار ڊيسڪ
October 30th, 2009

چڱي شادي شده زندگي گزارڻ لاءِ مرد کي گھٽ عمر ۽ اسمارٽ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ گھرجي. برطانوي اخبار ٽيلي گراف هڪ سائنسي کوج جي رسالي جي حوالي سان چيو آهي ته چڱي گھريلو زندگي ۽ شادي شده زندگي جي لاڳاپن لاءِ عورت چالاڪ، عقلمند ۽ گھٽ ۾ گھٽ مرد کان پنج سال ننڍي عمر جي هجي. سائنسدانن اهڙن لڳ ڀڳ هڪ هزار جوڙن تي پنهنجي کوج ڪئي، جنهن جي شادي کي پنجن سالن کان مٿي وقت ٿيو آهي ۽ اهي چڱي ساٿي جي طور تي زندگي گزاري رهيا آهن.

انهن جي وچ ۾ ماضي ۾ ڪڏهن به طلاق تائين ڳالهه ناهي پهتي، انهن سڀني جوڙن ۾ مرد جي عمر زال کان پنج سال يا انهي کان ڪجهه وڏي هئي ۽ اهي زال کان گھٽ پڙهيل لکيل هئا. کوج مطابق مرد ۽ عورتون پنهنجا ساٿي چونڊڻ لاءِ، محبت، جسماني ڇڪ، هڪٻئي جي باري ۾ ڄاڻ، عقيدي، رويي ۽ هڪجهڙن قدرن جو خيال رکندا آهن، پر عمر تعليم ۽ ثقافتي رڪاوٽن جهڙن ڪارڻن جي ڪري ٻنهي ۾ ڳالهه طلاق تائين پهچي ويندي آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: