{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > ڪانءُ، نمبر ۽ نشانيون

ڪانءُ، نمبر ۽ نشانيون

ويچار ڊيسڪ
October 8th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

ڪانءُ جي چالاڪي ۽ هوشياري جا قصا عام آهن پر سائنسدانن جو خيال آهي ته تکي آواز وارو ڪان نه رڳو چالاڪ، ذهين ۽ سياڻو پڻ آهي. ڪانءُ جي ياداشت تيز آهي، ڪانءُ سمورا ڪم سوچي سمجهي ڪم ڪري ٿو. انڪري ڪانءُ کي ڦاسائڻ ۽ نشانو ٺاهڻ تمام ڏکيو آهي.

 

تازو ئي جاپان جي هڪ يونيورسٽي ۾ جاري تحقيق سان ڪانءُ جي ياداشت ۽ سڃاڻ جي صلاحيت وارا نوان پهلو ظاهر ٿيا آهن. جاپاني سائنسدانن جي هڪ ٽيم جي پروفيسر شوئي سوگيتا جي اڳواڻي ۾ ڪجهه سالن کان جھنگلي ڪانون تي تحقيق ڪري رهي آهي تازو ئي سندس تجربن سان خبر پئي آهي ته ڪانءُ اکر سڃاڻي سگي ٿو ۽ ڊرن نمبرن مان ڪو به نمبر چونڊي سگهي ٿو. يونيورسٽي جي پروفيسر شوئي سوگيتا جو چوڻ آهي ته تجربن کان ثابت ٿيو آهي ته نمبرن ۽ اکرن جي سڃاڻ واري معامري ۾ ڪان جي ذهانت ماڻهو جهڙي آهي.

 

سندس تحقيق لاءِ ٻه دٻا استعمال ڪيائين. هڪ دٻي جي ڍڪ تي 2 نمبر ۽ ٻئي تي 5 نمبر لکيل هو. 2 نمبر وارو دٻو خالي هو جڏهن ته 5 نمبر واري دٻي ۾ ڪانون جي منپسند خوراڪ رکيائين. ٻنهيءَ دٻن کي ڪانءُ جي پڃري ۾ رکيو ويو. ڪانءُ ٿوري دير ۾ ياد ڪري ورتو ته خوراڪ واري دٻي جو نمبر 5 آهي.

 

جانورن جي عادتن جي متعلق مئگزين Animal Behavior ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ٻئي دٻا بار بار پڃري ۾ مختلف جاين تي مختلف ترتيب سان رکيا ويا. هنن تجربن ۾ ڪانءُ جي ڪاميابي جي شرح 70 سيڪڙو هئي.

 

اِهو تجربو بار بار 8 جهنگلي ڪانون تي ڪيو ويو، هر دفعي ڪاميابي جو تناسب تقريبن ساڳيو هو. بعد ۾ ڪيل تجربن ۾ هڪ دٻي جي ڍڪ تي 5 نمبر ۽ ٻين دٻن تي تي ڌار ڌار شڪلون ٺاهي مختلف جاين تي رکيا ويا تڏهن به ڪانون جي ڪاميابي جي شرح 70 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو هئي.

 

هڪ پراڻي تحقيق موجب ڪانءُ مرد ۽ عورت جو چهرو سڃاڻي سگهن ٿا. پروفيسر سوگيتا جاپان جي هڪ ٽيليويزن تي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪانءُ اسانجي سوچ کان به وڌيڪ ذهين آهي.