کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > مرد ۽ عورت جي ذهن ۾ فرق، نئين ريسرچ

مرد ۽ عورت جي ذهن ۾ فرق، نئين ريسرچ

زيف سيد
March 28th, 2008

ان موضوع تي صدين کان بحث جاري آهي ته مرد ۽ عورت ۾ ڪهڙو فرق آهي، ۽ سندن ورتاءُ ۾ جيڪڏهن ڪو واضع فرق آهي ته ڇا هن جو ڪارڻ جسماني ۽ حياتياتي آهي يا معاشرو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پرورش ائين ڪندو آهي ته سندن هستين جي پرورش مختلف انداز ۾ ٿيندي آهي؟

 

اسين ان موضوع جي باري ريسرچ ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ چوٽي جي ماهر بيرن ڪوهن سان رابطو ڪيو جيڪو ڪيمرج يونيورسٽي جي ڊيلولپمنٽل پيٿو سائيڪالوجي شعبي ۾ پروفيسر آهي ۽ اوٽزم جي ميدان ۾ سموري دنيا ۾ حرف آخر جو مرتبو رکندو آهي. ان موضوع لاءِ پروفيسر صاحب هڪ ”بيسٽ سيلنگ“ ڪتاب به لکيو آهي.

 

ڊاڪٽر سائمن جو چوڻ آهي ته مرد ۽ عورت جي ذهن ۾ حياتياتي فرق آهي. هن چيو آهي ته جيڪڏهن مان هڪ هڪ لفظ ۾ ٻنهي کي بيان ڪرڻ چاهيان ته پوءِ ائين چوندس ته عورت جو ذهن ”همدردي“ ۽ مرد جو ذهن ”تجزيو“ آهي.

 

سندس ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب چيو ته عورتون ٻين ماڻهن ۽ ماحول سان گهڻو رابطو رکڻ پسند ڪنديون آهن ۽ سندن هستي جو سماجي پهلو مردن جي نسبت گهڻو مضبوط آهي. هو باآساني صورت جي تاثرات کي سڃاڻي سگهن ٿيون ۽ ٻين جي ذهني حالت کي مردن کان وڌيڪ بهتر طريقي سان سمجهي سگهن ٿيون.

 

ڇاڪاڻ ته انساني سماجيات ۾ اظهار جو سڀ کان وڏو ذريعو زبان آهي، ان ڪري عورتون ٻولي جي مامري ۾ به مردن جي نسبت اڳتي هونديون آهن. ان جو ثبوت آهي ته ريسرچ موجب ڇوڪريون ڇوڪرين جي نسبت وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪنديون آهن، ۽ پيدا ٿيڻ جي ٻن سالن کانپوءِ سندن ذخيرو الفاظ پنهنجي عمر جي ڇوڪرن کان وڌيڪ ٿيندو آهي.

 

ڊاڪٽر سائمن جو چوڻ آهي ته سندس ريسرچ کان اهو به ظاهر ٿيو آهي ته ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ڇوڪرن ۾ شئين جو تجزيو ڪرڻ ۽ هن جو نظام سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هن شئي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي. هن موقعي تي مان پروفيسر صاحب کان سوال پڇيو ته ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۾ اهڙي فرق جو ڪارڻ سندن اعلي تربيت ٿي سگهي ٿو. پر ڊاڪٽر صاحب چيو ته مان اهڙو تجربو پڻ ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ ڏينهن جا ٻار معني ڇوڪرو ۽ ڇوڪري به شامل هئا.

 

انهن ٻارن کي انساني صورت جي ۽ هڪ مشيني رانديڪي جي تصوير ڏيکاري وئي. نتيجي کان معلوم ٿيو ته ڇوڪريون انساني صورت کي وڌيڪ غور سان ڏسي رهيون هيون، جڏهن ته ڇوڪرا رانديڪي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته هي ٻار ايترا ننڍا هئا جو انهن تي ماحول جو يا تربيت جو ڪو اثر نه هيو. ان ڪري اهو ظاهر ٿيو آهي ته ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي هن جو ڪارڻ حياتياتي آهي.

 

هاڻ سوال آهي ته نيٺ ذهن ۾ اهو فرق پيدا ڪيئن ٿيندو آهي؟

 

ڊاڪٽر سائمن جو چوڻ آهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ پرورش حاصل ڪندڙ ٻارن ۾ مرداڻا هارمون ٽيسٽا سٽيرون جي هڪ اعلي مقدار هوندي آهي. ڇوڪرن ۾ اها مقدار گهڻي ۽ ڇوڪرين ۾ گهٽ هوندي آهي. اهڙي هارمون سان ذهن تي گهڻو اثر ٿيندو آهي جنهن جي سبب سندن ذهن جي نسواني يا مرداڻي نشونما ٿيندي آهي.

 

ڊاڪٽر سائمن سندس ريسرچ کي اڳتي وڌائيندي نظريو پيش ڪيو آهي ته اوٽزم جا شڪار ٻار اصل ۾ گهڻي مرداڻي پن ۾ رهندا آهن. ڇاڪاڻ تن سندن ذهن ۾ ضرورت کان وڌيڪ مرداڻا هارمون موجود هوندا آهن ان ڪري سندن هستي جو سماجي پهلو وڌيڪ نشونما حاصل نٿو ڪري.

 

ان جي ڀيٽ ۾ اهڙي ماڻهن ۾ ڪنهن شئي جي نظام باري سمجهڻ جي صلاحيت بيماري جي حد تائين موجود آهي ۽ هو زندگي جي عام شئين ۾ ايترو غير معمولي مزو ظاهر ڪندا آهن ته دنيا جي مافيا کان مختلف نظر ايندا آهن. اهو ڪارڻ آهي جو اوٽزم جا ڪجهه مريض مڪمل طور تي فون ڊائريڪٽريون ۽ ڊڪشنريون منهن زباني ياد ڪندا آهن، بعد ۾ اهڙي ماڻهن کي سندن مٽ مائٽن سان سلام دعا ڪرڻ به ياد نٿو رهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com