مسواڪ يا تيلي سان ڏند جي صفائي ڪرڻ، توهان پنهنجي ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ هر طريقو آزمائيندا آهيو. پر ڇا توهان ڏهي کائيندا آهيو؟ شايد توهان منهنجي ڳالهه سمجهي نه سگهندئو پر ريسرچ کان اندازو لڳايو ويو آهي ته ڏهي کائيندڙ ڏندن جي مرض ۾ مبتلا نه ٿيندا آهن.
ان ڪري رڳو هر ڏينهن ٿورو ڏهي ضرور کائڻ گهرجي. ريسرچ ڪندڙن مطابق ڏهي ۾ ايترا صحتمند بيڪٽيريا موجود آهن جيڪي ڏندن ۽ مسوڙن جي حفاظت ڪندا آهن پر اها توهانجي منهن ۾ مُضر بيڪٽيريا جو توازن برابر رکندو آهي.
ڏهي صحتمند بيڪٽيريا جي حفاظت ڪري توهانکي بيمارين کان محفوظ رکي ٿو. تازو ئي ٿيل جاچ ۾ ماهرن پاران ورڪرز کي 80 ڏينهن تائين ليڪٽوبيسليس ريوٽري (مفيد بيڪٽيريا) يا پليسبو جي خوراڪ کارائي. ليڪٽوبيسليس کائيندڙ ورڪرن مان رڳو 10 سيڪڙو کي گيسٽرو انٽيسٽينل انفيڪشن ٿيو جنهن سان سندن ڪم ۽ صحت متاثر ٿي جڏهن ته پليسبو کائيندڙ 26 سيڪڙو کان وڌيڪ بيمار ٿي ويا.
مُفيد بيڪٽيريا توهانجي آنڊرن ۾ سمائجي ويندا آهن ۽ ائين خطرناڪ بيڪٽيريا کان ٿيل انفيڪشن کي روڪي نظام هضم کي درست ڪرڻ ۾ توهانجي مدد ڪندا آهن. اينٽي بائيوٽڪ دوائن يا پيچس ۽ اُرڙي جي ڪارڻ توهانجي آنڊرن جي بيڪٽيريا جو توازن خراب ٿيندو آهي ائين توهان بيماري جو شڪار ٿيندا آهيو.
ليڪٽوبيسيليس جيڪا مُفيد بيڪٽيريا جو قسم آهي هو گيسٽرو انٽسٽينل نالين ۾ خطرناڪ بيڪٽيريا کي وڌڻ کان روڪي مدافعتي خليه جي عمل ۾ واڌ ڪري وائرس انفيڪشن سان مقابلو ڪندو آهي. ياد رهي ته هر ڏهي ۾ ليڪٽوبيسيليس روٽري ناهي.