کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > مائوزي تنگ جو کلڻ

مائوزي تنگ جو کلڻ

ڊاڪٽر منظور اعجاز
April 17th, 2008

آئون مائوزي تنگ جي قبر مان کلڻ بُلند آوازون ٻڌي رهيو آهيان. هاڻ جڏهن چيني عوام سميت دنيا جا دانشور مائوزي تنگ کي انهي دور جو انقلابي ثابت ڪري چُڪا هئا، نيپال ۾ مائواسٽن جي ڪاميابي سبب هڪ ڀيرو وري مائو کي زنده ڪري ڇڏيو آهي. چائينيز اها ڳالهه سوچي اچرج ۾ پئجي ويندا آهن ته انهن جي گذريل دور جي سياسي پيغمبر جي هدايتن تي هلندي اڄ دنيا ۾ ڪو پنهنجي تقدير تبديل ڪري سان گڏ انقلاب آڻي سگهي ٿو؟

 

ڪجهه سال اڳ جڏهن آئون شنگهائي ويو هوس ته مان چائينيز کان مائو جي باري پڇيو هو. عام طور تي چائينيز هن موضوع تي ڳالهائڻ پسند ڪونه ڪندا هئا پر هو سڀئي مائو جي لاءِ بالڪل ائين جذبات جو مظاهرو ڪندا هئا جيئن اولياء يا پيغمبرن سان لاڳاپيل آهن. هن سان گڏ چائينيز اهو به چوندا هئا ته مائو جا وچار ماڊرن چين سان مشابهت ڪونه رکندا آهن. هن جو ثبوت اهو هيو ته مائوزي تنگ جي وچارن تي لکيل ڪتابون شنگهائي ۾ ڪٿي به موجود ڪونه هيون (يا بازار ۾ موجود ڪونه هيون).

 

آئون اُهي ڪتابون شنگهائي کان پري هڪ واٽر سٽي نالي جي شهر جي ڪٻاڙين وٽان حاصل ڪيون. هو به ان ڪري ته هو شهر پراڻي چين جي ريت رواج ۽ فن کي محفوظ ڪرڻ ۽ سياحن کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. هتي مائوزي تنگ جي انقلاب جي باري ڪتابون ۽ ٻيون شئيون ڪٻاڙين وٽ محفوظ آهن ۽ انهن شئين جا گراهڪ اسان جهڙا غير ملڪي سياح آهن.

 

اسين جنهن هوٽل ۾ رهيا هئا سين اُهو ڪنهن دور ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس هيو جتي دنيا جا وڏا وڏا اڳواڻ ايندا هئا. هوٽل جي ڀتين تي نڪسن سميت ٻين ڪيترن ئي هستين جون تصويرون موجود هيون. تبديلي کانپوءِ گيسٽ هائوس کي 3 يا 4 اسٽار هوٽل بڻايو ويو آهي. هن هوٽل جي قسمت مائوزي تنگ افڪار کان ٿوري گهڻي بهتر آهي.

 

هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ هو ڪرسي ۽ ميز محفوظ آهن جن تي ويهي مائوزي تنگ غير ملڪي اڳواڻن سان گڏجاڻي جي وقت ڪم ڪندو هو. آئون هوٽل اسٽاف کي ايلاز ڪيو ته هو مونکي هوٽل جو اسٽاف اُهو ڪمرو ڏيکارڻ کان انڪار ڪندا رهيا. نيٺ هڪ عورت تنگ ٿي ڪري مونکي چيو ”ڏسو، مسٽر مائوزي تنگ ايترو اهم نه هيو، ان ڪري اسين سندس ڪرسي ۽ ميز مهمانن کي ڏيکارڻ جو انتظام نه ڪيو آهي“.

 

مونکي يقين آهي ته نيپال جي اليڪشن جو نتيجو پڙهڻ کانپوءِ هن عورت کي افسوس ٿيو هوندو. هن يقين نه ڪيو هوندو ته اڃان به دنيا ۾ اهڙا ماڻهون موجود آهن جيڪي مسٽر مائو جي افڪار تي عمل ڪندي پنهنجي قسمت تبديل ڪري سگهن ٿا. اهڙو ڏک دهلي کان وٺي واشنگٽن تائين حاڪمن کي ٿيو هوندو. هونئن ڳالهين مان ڳالهه نڪتي آهي، ۽ مان توهانکي ضرور ٻڌائڻ چاهيندس ته جنهن ترقي پذير ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي غلطي ڪئي وئي سپر پاور ۽ ذيلي طاقتن کي ان جو ڏک ٿيو آهي.

 

هندستاني ميڊيا وڏي ڏکيائي سان هن ڏک مان نڪري شرمائيندي نيپال ۾ مائواسٽن جي ڪاميابي جو ذڪر ڪري رهيو آهي. ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هندستان جي ڪيترين رياستن ۾ مائواسٽن حڪومت جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. ڪيتريون ئي رياستن جا وڏي ڳوٺن ۾ انهن جو راج آهي. ان ڪري دهلي جا حڪمران پريشان آهن.

 

هندستاني حڪومت کي خدشو آهي ته نيپال ۾ ايتري وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ هندستان جا مائواسٽ جراتمندي جو مظاهرو نه ڪرڻ. توڙي هندستاني ۽ نيپال جي مائواسٽ اڳواڻ پشپا ڪمال داهال ۽ مشهور پراچنده ۾ فاصلو پيدا ٿي ويو آهي. هندستاني مائواسٽ پراچنده جي جمهوري عمل ۾ شرڪت کي غداري چوندا آهن. پر هندستان کي ڊپ آهي ته هن کانپوءِ به نيپال مائواسٽ حڪمران پارٽي وارا پنهنجي هندستاني انقلابي دوستن جي مدد ضرور ڪندا.

 

هندستان کي اهو انديشو به آهي ته مائواسٽ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اهڙين ڪيترن ئي نيپال، هند معاهدن کي ختم ڪندا جن ۾ هندستان کي وڏي طاقت جي طور تي طئي ڪيو ويو آهي ۽ هندستاني سرمائيدارن کي اعلي سهولتون مليل آهن. ان ڪري هندستاني سياسي پنڊت حڪومت کي مشورو ڏئي رهيا آهن ته هو مائواسٽن جو حل ڪڍي. پر حقيقت اها آهي ته هندستان جيڪو ڪجهه به ڪري هن جي پراڻي پوزيشن قائم نه رهي سگهندي.

 

هاڻ هندستان ۽ واشنگٽن کي به اهو انديشو آهي ته نيپال جي نئين حڪومت چين سان تعلقات وڌائيندي. واشنگٽن جي حڪمرانن لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي ڇاڪاڻ ته انهن مائواسٽن کي اڃان تائين دهشتگردن جي لسٽ ۾ شمار ڪيو آهي. اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر بش انتظاميه کي مشورو ڏنو آهي ته هو جلدي مائواسٽن جي ممڪنه حڪومت کي تسليم ڪري. ان جي پٺيان اها ڳالهه آهي ته کين دهشتگردي جي لسٽ ۾ شامل نه ڪيو وڃي. رڳو انتظاميه لاءِ اهڙي تبديلي تمام ڏکي هوندي پر هن کي اهو زهر هر حالت ۾ کائڻو پوندو.

 

نيپال جي مائوسٽ ثابت ڪيو آهي ته اڪثر عوامي تحريڪ انقلابي صورت اختيار ڪندي آهي پر هن سان جمهوري واٽون کلنديون آهن ۽ هو جمهوري موڊ ۾ اينديون آهن. جيڪڏهن مائواسٽ تحريڪ جو دباءُ نه هجي ها ته نيپال جو بادشاهه ڪڏهن به جمهوري حڪومتن کي رستو نه ڏي ها.

 

جيڪڏهن مائواسٽ تحريڪ جو دباءُ نه هجي ته نيپال ۾ صدين کان پيدا ٿيل بادشاهه نظام ڪڏهن به ختم ڪونه ٿيندو. پر هاڻ ائين ٿي سگهي ٿو. اڄ چين به جنهن ترقي جو ميوو کائي رهيو آهي هن جي بُنياد به مائو پراڻي جاگيرداري ريتون ختم ڪري وڌو هو. نيپال جي مائواسٽن دنيا جي حڪمرانن تائين اهو پيغام پهچايو آهي ته جيڪڏهن عوام کي انهن جا بنيادي حق نه ڏنا ويندا ته پوءِ هو پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻيندا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com