روزانو پيٽرول جي وڌندڙ مُلهه کان بيزار ماڻهن لاءِ هڪ چڱي خبر آهي ته آمريڪا ۾ بيٽري سان هلندڙ دنيا جي پهرين ڪار کي وڪرو ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ موڪليو ويو آهي. ٻن ماڻهن جي ويهڻ لاءِ تيار ٿيل هن ڪار ۾ هڪ اهڙي بيٽري فٽ ڪئي وئي آهي جنهن کي چارج ڪري 200 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري سگهجي ٿو.
اها گاڏي رڳو 4 سيڪنڊس ۾ 60 ڪلوميٽر جي رفتار تائين وڃي سگهي ٿي. هن گاڏي جو نالو ڪار ميڪر جي نالي سان رکيو ويو آهي. هن ڪار جو مُله هڪ لک آمريڪي ڊالر آهي. Tesla Roadster نالي جي هن گاڏي جي خريدارن ۾ مشهور اداڪار ۽ ڪيلي فورنيا جو گورنر آرنلڊ شوارزنيگر ۽ هالي وڊ جو ليجنڊ جارچ ڪلوني به شامل آهن.