ڪمپيوٽر کي ناپسنديده پروگرامز يا وائرس کان محفوظ رکندڙ ڪمپني ميڪ ايفي جو چوڻ آهي ته اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهن جو جعلي ميڊيا فائلز جي سبب نقصان ٿيو آهي. اهي جعلي فائلز يا ته موسيقي، ننڍي فائلن جي وڊيو يا فلم جي صورت ۾ ٿينديون آهن ۽ ڪمپيوٽر يوزرز کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائينديون آهن.
ميڪ ايفي ڪمپني جو چوڻ هي ته جعلي فائل جو موجوده اسپيس گذريل ٽن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هنن جو چوڻ آهي ته هن جعلي فائل کي کولڻ کانپوءِ بيشمار اشتهار کلي پوندا آهن ۽ هنن جي سبب هنن جي ڪمپيوٽر تائين رسائي ٿيندي آهي.
اهي جعلي فائلون اي ڊونڪي ۽ لائم وائر جي فائل شيئرنگ جي نيٽ ورڪ ۾ ڦهلايون ويون آهن. هنن فائلن جا مختلف نالا آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ موجود آهن ته جيئن ماڻهون ڦاسي سگهن. هنن فائلن جي نالن کي ڏسي اندازو ٿيندو آهي ته اها فائل گانو، يا جنسي فلم يا وري ڪو مشهور فلم آهي. ۽ جيڪو به هن فائل کي کوليندو آهي ته کيس چيو ويندو آهي ته هو ڪوڊڪ نالي جو سافٽ ويئر ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪرڻ جنهن سان هن فائل کي ڏسي سگهجي ٿو.
پر هن سافٽ ويئر سبب ناپسنديده اشتهار کلڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڦهلجي ويندا آهن. ميڪ ايفي جو چوڻ آهي ته ايتري وڏي پيماني تي اهڙي قسم جون فائلون پهريان ڪڏهن به ڪونه ڦهلايون ويون هيون ڇاڪاڻ ته اهو ڪم ڪندڙ ماڻهن جو انگ محدود هوندو آهي ته جيئن سندن نشاندهي ڪونه ٿي سگهي.
گذريل ستن ڏينهن ۾ ميڪ ايفي جي مطابق پنجاهه هزار ڪمپيوٽرز هن فائل جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهن جنهن مان رڳو ڏهه سيڪڙو ماڻهن ڪوڊڪ نالي جو سافٽ ويئر ڪمپيوٽر تي منقتل ڪيو. اُهي ڪمپيوٽرز جن ۾ ونڊوز سافٽ ويئر موجود آهن هنن جو هن ڄار ۾ ڦاسڻ جو امڪان تمام وڌيڪ آهي.