کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > رنگ ڪرڻ سان توليدي نظام متاثر

رنگ ڪرڻ سان توليدي نظام متاثر

ويچار ڊيسڪ
May 24th, 2008

سائنسي ماهرن موجب اهي سمورا ماڻهون جيڪي گهرن ۾ آئل پينٽ ڪندا آهن هنن ماڻهن تي رنگ ۾ استعمال ٿيندڙ جليڪول ڪيميڪل جو اثر ٿيندو آهي ۽ سندن توليدي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي.

 

برطانيه يونيورسٽي آف مانچرٽر ۽ شيفيلڊ جي گڏيل ريسرچ جي توليدي مرڪز جو دورو ڪندڙ اهڙي ٻه هزار ماڻهن تي ريسرچ ڪئي وئي جيڪي مرداڻي بانجهه پن جو شڪار آهن. ماهرن موجب اهي ماڻهون جيڪي پينٽ ڪندا آهن هنن ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت اڍائي سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿي.

 

ماهرن موجب مرداڻي بانجهه پن جو ڪارڻ سگريٽ، ٽائٽ پئنٽ پائڻ، ۽ خصي جي سرجري کان علاوه رنگ وغيره ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل به ماڻهن جي توليدي صلاحيت کي گهٽائيندو آهي.

 

يونيورسٽي آف مانچسٽر جي ڊاڪٽر اينڊي پووي موجب کيس پهريان ئي خبر هئي ته جيليڪول ماڻهن جي توليدي طاقت تي اثر وجھندو آهي ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن کان هن ڪيميڪل جو استعمال گهٽ ٿيو آهي

 


 

 

Powered by: PHPCow.com