کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > پاڪستان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو آءِ ٽي سينٽر قائم ٿيندو

پاڪستان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو آءِ ٽي سينٽر قائم ٿيندو

ويچار ڊيسڪ
June 9th, 2008

ڪراچي جي ناظم مصطفي ڪمال چيو آهي ته اربين رپين جي لاگت سان دنيا جو سڀ کان وڏو آءِ ٽي ٽاور تعمير ڪيو ويندو. اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. اڏاوتي ڪم ختم ٿيڻ کانپوءِ هي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪال سينٽر هوندو.

 

هن مهل آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ڪال سينٽر آهي جتي 8000 ڪال سيٽون رکيون ويون آهن پر ڪراچي ۾ تعمير ٿيندڙ هن ٽاور ۾ 10،000 ڪال سيٽون هڪ ئي ڇت جي هيٺ رکيون وينديون.

 

مصطفي ڪمال اها ڳالهه آءِ ٽي ايڪسپو 2008ع جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي هئي. سندس چوڻ آهي ته ڪراچي جي شهري حڪومت ڪال سينٽر جي تربيت ڏيڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان ماهر گهرايا آهن. 7500 ماڻهن جو پهريون گروپ جلدي تيار ٿي ويندو. شهري حڪومت تربيت حاصل ڪندڙ هر ماڻهون تي 60 هزار رپيا خرچ ڪري رهي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com