کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > ممبئي جو سائبر فراڊي گينگ سميت گرفتار

ممبئي جو سائبر فراڊي گينگ سميت گرفتار

ويچار ڊيسڪ
June 16th, 2008

16 ورهين جو اجي 10 ڪلاس جو شاگرد آهي پر انٽرنيٽ تي سوين ماڻهون جا ڪريڊٽ ڪارڊ چوري ڪري لک پتي بڻجي ويو آهي. اجي کي پوليس خمس تي ممبئي مان گرفتار ڪيو ۽ گجرات پوليس هن تي انٽرنيٽ فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. سينيٽ اين اسڪول جو اهو شاگرد انٽرنيٽ تي آن لائن شاپنگ ويب سائٽ کان شئيون خريد ڪندڙ ماڻهن جي اڪائونٽس مان پئسا پنهنجي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪندو هو.

 

اهو گينگ تڏهن گرفتار ٿيو جڏهن احمد آباد جي ڪرائم برانچ هڪ مشهور شاپنگ ويب سائٽ جي هيڪنگ جي جاچ ڪري رهي هئي ته هن شهر جي ٽن ڇوڪرن کي گرفتار ڪيو هو. بعد ۾ معلوم ٿيو جو سندن واسطو اجي جي گينگ سان هيو. تفتيش کانپوءِ معلوم ٿيو آهي جو اهو گينگ ممبئي، حيدرآباد، بينگلور ۽ احمد آباد ۾ پکڙيل آهي. هن جا استاد آمريڪا، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندا آهن.

 

اجي جيڪو هڪ ٽيڪسٽائل فرم جي ملازم جو پُٽ آهي، اجي ڪالو پور جي رهواسي وحيد خان ۽ جوڌپور جي رهواسي شاهد خان کي هدايتون ڏيندو هو. اجي کين جعلي اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ ٻين جي اڪائونٽس مان پئسو پنهنجي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪرڻ جي ٽريننگ ڏني هئي. اجي جي هيڪنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ شئين ۾ سندس ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر، ڪميونيڪيٽر ۽ موبائل فون شامل آهن پر پوليس جو چوڻ آهي جو هن پنهنجي فراڊ جو ڪو به ثبوت ڪونه ڇڏيو آهي.

 

اجي جو رابطو آن لائن فراڊين سان انٽرنيٽ تي ٿيو ۽ پوءِ جلدي هن فراڊ ڪرڻ جي ٽريننگ حاصل ڪئي. هن پوليس کي ٻڌايو آهي جو عالمي هيڪرز سان سلام دعا ٿيڻ کانپوءِ هو روزانو 15 ڪلاڪن تائين انٽرنيٽ تي ويهندو هو ۽ ٽريننگ حاصل ڪندو هو جو اهو ڪم ڪيئن ٿيندو آهي. هن وٽ سموري دنيا ۾ 4000 ماڻهن جا ڪريڊٽ ڪارڊ نمبرز ۽ گهرٻل معلومات آهي. هو سائبر پوليس جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاءِ پراڪسي سرور استعمال ڪندو هو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com