ڪيلي فورنيا جي ڪوڙي ڪٻاڙ کي سنڀاليڻ جو انتظام ڪندڙ بورڊ جي تازو ئي ٿيل هڪ ريسرچ ۾ اها ڳالهه ٻڌائي وئي آهي جو ڪيلي فورنيا جا 73 سيڪڙو ڊرائيور پنهنجي گاڏين جو تيل ضرورت کان گهڻو عرصو اڳ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. ۽ اهو ڪم سموري ملڪ ۾ به ٿيندو آهي. هن سان پئسي جو نقصان ته ٿيندو آهي پر هن سان گڏ هڪ بيرل تي سئو ڊالر تيل جي استعمال وڌي ويندي آهي جنهن جو گهڻو حصو ٻاهرين ملڪن کان گهرايو وڃي ٿو.
سال 2005 جي انگ اکر رپورٽ ڏسي ڪري بورڊ اندازو لگايو آهي جو رڳو ڪيلي فورنيا جا رهواسي ساليانو 153.5 گيلن ڪنو تيل پيدا ڪندا آهن جنهن مان 60 سيڪڙو تيل کي وري استعمال جي قابل بڻايو وڃي ٿو. موٽرن ۾ استعمال ٿيل تيل ماحول لاءِ سڀ کان بُرو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن شئي ۾ حل ڪونه ٿيندو آهي ۽ هن ۾ زهريلو مادو به سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي. ڪني تيل جو هڪ گيلن کاڻي جي لکين گيلنز جو ذائقو تبديل ڪري سگهي ٿو.
ورهين کان اها غلط فهمي هئي جو هر ٽي هزا ميل کانپوءِ گاڏي جو تيل تبديل ڪرڻ گهرجي. هاڻي گاڏيون ٺاهڻ واري ڪمپنين اهو مسورو ڏنو آهي جو گاڏي جو تيل پنج هزار، ست هزار ۽ ڏهه هزار ميل هلڻ کانپوءِ تبديل ڪيو وڃي.
بهترين تيل جنهن ۾ سينٿيٽڪ تيل ۽ بهترين انجڻ استعمال ڪرڻ سان انجڻ تي ڪو نقصان پهچائي بنا تيل تبديل ڪرڻ جي وقفي کي وڌائي سگهبو آهي. ٽي هزار ميل هلڻ کانپوءِ تيل تبديل ڪرڻ جي ڳالهه پراڻي دور جي آهي جڏهن انجن ۾ فرسٽ ڪلاس نان ڊيٽرجنٽ تيل استعمال ڪيو ويندو هو.