کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > ڪوليسٽرول: دل جي بيماري لاءِ مفيد

ڪوليسٽرول: دل جي بيماري لاءِ مفيد

ويچار ڊيسڪ
June 19th, 2008

نئين ريسرچ کانپوءِ سائنسدانن چيو آهي ته هر ٽين ماڻهون ۾ ڪجهه اهڙا جينيات هوندا آهن جيڪي دل جي بيماري کي روڪڻ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهندا آهن. هڪ لک ستيتاليهه هزار مريضن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالهه واضع ٿي آهي جو CETP جينز کانپوءِ نمونا اهڙا هوندا آهن جيڪي نام نهاد ”بهترين ڪوليسٽرول“ جي سطح ۾ اضافو ڪندا آهن.

 

برطانيه ۾ ڊچ محققين جي اها تحقيق جيڪا ”آمريڪن هارٽ ايسوسي ايشن جرنل“ ۾ شايع ٿي آهي، ٻڌايو ويو آهي جو اهڙي طرح جي جينز سان هارٽ اٽيڪ ٿيڻ جي شرح ۾ پنج سيڪڙو ڪمي واقع ٿيندي آهي.

 

يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ جينيٽڪس جي لئڪچرر ڊاڪٽر ارون هنگوراني جو چوڻ آهي جو هن تحقيق سان جيڪا معلومات حاصل ٿي هن سان بيماري جي سبب ۽ اثرات کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ جڏهن اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي وڃي ته بهتر دوائون ٺاهي سگهجن ٿيون جنهن سان هن جو انتظام ٿي سگهي.

 

هڪ برطانوي ماهر جينيات جو چوڻ آهي ته هن ريسرچ کانپوءِ دوائن سان ڪيترن ماڻهن کي فائدو ٿي سگهندو آهي. سائنسدان اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته رت جي نظام ۾ ”خراب ڪوليسٽرول“ جي سطح ۾ ڪمي سان دل کي محفوظ رکي سگهجي ٿو.

 

هن ريسرچ سان برطانيه جي ڪيمرج ۽ نيوڪاسل يونيورسٽيز جڏهن ته هالينڊ جي گروننجن يونيورسٽي جون ٽيمون سموري دنيا ۾ هڪ لک ستيتاليهه ماڻهن تي ڪيل پنهنجي هڪ سئو مشاهدن کان گڏ ڪيو آهي.

 

هن ريسرچ ۾ CETP جينز جي ڇهه مختلف صورتن مان هڪ جي اثرن باري جاچ ڪئي وئي آهي. پروفيسر جان ڊينش جيڪو هن ريسرچ جو سرپرست آهي، سندس چوڻ آهي ته نئين سٽڊي هن خيال کي طاقتور بڻائيندي جنهن هيٺ چيو ويندو هو ته ”ايڇ ڊي ايل ڪوليسٽرول“ جي سطح کي وڌائي دل جي بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو. ائين ڪجهه دوائن سان ٿي سگهندو اهي جيڪي CETP کي گهٽائيندي آهي.

 

واضع رهي جو 2006 ۾ ”ايڇ ڊي ايل ڪوليسٽرول“ جي سطح وڌائيندڙ دوائن جو تجربو هن مهل ختم ڪيو ويو هو جڏهن هارٽ اٽيڪ ۽ هن سبب موت جي شرح ۾ اضافو ٿيو هو.

 

”برٽش هارٽ فائونڊيشن“ جي پروفيسر پيٽر ويسبرگ جو چوڻ آهي ته هن سٽڊي جو فائدو ته آهي پر هاڻي به هن باري ۾ وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهو طئي ڪري سگهجي جو هن سان وڌيڪ ڪيترا مفيد نتيجه حاصل ٿي سگهن ٿا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com