بلهي شاهه نچي يار پرچايو هو تڏهن موبائل فون ڪونه هوندا هئا. اڄڪل يار موبائل فون تي ئي پرچايا ويندا آهن. پر جيڪڏهن توهانجو يار رُسي پوي ته توهان ڪنهن پاپ سنگيت جي ميلي ۾ ڦاسي پيا هجو ۽ توهانجي فون جي بيٽري به ختم ٿي وئي هجي ته توهان ڇا ڪندو؟ هاڻي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي، توهانجي لاءِ هڪ سٺي خبر اها آهي جو توهان سنگيت ٻڌي ڪري نچڻ شروع ڪيو.
اورنج نالي جي ٽيلي فون ڪمپني ٻڌايو آهي جو اهي هڪ اليڪٽرانڪ ڪمپني سان گڏجي ڪري اهڙو بيٽري چارجر ايجاد ڪري رهيا آهن جيڪو نچڻ سان فون جي بيٽري کي چارج ڪري ڇڏيندو.
اهو چارجر رڳو هلندڙ سال تجربي جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. اورنج ڪمپني ٻڌايو آهي جو هن چارجر جو وزن فون جيترو هوندو ۽ سائز تاش جي دٻي جيترو ۽ ماڻهون اهو چارجر پنهنجي ٻانهن سان ٻڌندا.
اورنج برطانيه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ”اسين تفريح ڪرڻ چاهيون ٿا. اسين چاهيون ٿا جو ماڻهون پنهنجي فون جي بيٽري چارج ڪندي مهل مزو ماڻيندي نئين ٽيڪنالوجي جو مزو به حاصل ڪري سگهن“.