کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > مريخ جي زمين تي وڻ ٽڙي سگهن ٿا

مريخ جي زمين تي وڻ ٽڙي سگهن ٿا

ويچار ڊيسڪ
June 28th, 2008

مريخ جي سطح تي به مٽي ۾ ظاهر طور تي اهڙا اجزا ضروري مقدار ۾ موجود آهن جن سان زندگي جي نسونما ٿي سگهي. ناسا جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ايسپيراگس (موصلي سفيد) ته شايد هن مٽي ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي.

 

فينڪس مارز لينڊ مشن جي ابتدائي ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي جو مريخ جي مٽي ۾ القلي جي شرح ماهرن جي اندازي کان وڌيڪ آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هو اهڙي نتيجن کانپوءِ حيران ٿي ويا آهن.

 

تازو ئي ٿيل ريسرچ مان مريخ تي زندگي جي لاءِ سازگار حالت جي م وجودگي جي امڪان جون اُميدون وڌي ويون آهن. جامعه ايريزونا جي سيم ڪو نائيس جيڪو هن منصوبي جو چيف ڪيمسٽ آهي سندس چوڻ آهي ته ”اسانکي بنيادي طور تي اهڙا عناصر ملدا آهن جيڪي ماضي، حال يا مستقبل ۾ زندگي جي بقاء لاءِ اڻٽر آهن“.

 

سندس چوڻ آهي ته مٽي جي نمونن تي وڌيڪ تجربا ڪرڻ پوندا پر اها ”تمام سازگار آهي. ۽ هن ۾ ڪو زهريلي خاصيت ڪونه آهي“. هن چيو آهي ته هي اهڙي مٽي آهي جيڪا توهانکي گهر جي پوئين پاسي ملي سگهي ٿي. مٽي ۾ نه رڳو تيزابيت اندازي کان گهٽ  آهي بلڪ هن ۾ ميگنيشيم، سوڊيم، پوٽيشيم ۽ ٻين عناصرن جا آثار موجود آهن.

 

مريخ جي مٽي باري هن روپرٽ جي بنياد مارز لينڊر جي مشيني ٻانهن سان سياري جي سطح کان اڍائي سنٽي ميٽر هيٺ کان حاصل ڪئي وئي هڪ مڪعب سينٽي ميٽر مٽي آهي. هن مٽي کي وري زمين کان موڪليل پاڻي ۾ گڏائي خلائي مشين جي اٺ مان هڪ اوون ۾ گرم ڪيو ويو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com