هڪ نئين ريسرچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تازي ۽ ٿڌي هنداڻي جو اثر اهو آهي جيڪو وياگرا ڪيپسول کائڻ سان ٿيندو آهي. پر اهو ضروري ڪونه آهي جو هي توهانجي سموري رات رنگين ڪندو. هنداڻي ۾ هڪ عنصر اسٽرولين موجود آهي جيڪو اهو هارمون پيدا ڪندو آهي جيڪي جسم جي رت جي شريانن کي ٿڌو رکندو آهي. هنداڻو اهو ڪم ڪندو آهي جيڪو وياگرا کائڻ کانپوءِ ٿيندو آهي.
جڏهن گهڻو هنداڻو کاڌو وڃي ته هنداڻي ۽ هن جي هيٺ سفيد رنگ جي حصي ۾ موجود اسٽرولين جسم جي انزائم سان گڏجي ڪري اهو عمل ڪندا آهن ۽ آرگنن تيار ٿيندو آهي جيڪو هڪ طرح جو امائنو ايسڊ هوندو آهي. هي دل ۽ جسم ۾ رت جي وهڪري کي طاقت ڏيندو آهي. آرگنن نائٽرڪ آڪسائيڊ وڌائيندو آهي جيڪو رت جي شريانن کي ٿڌو رکندو آهي ۽ وياگرا به ساڳيو ڪم ڪندو آهي.
ريسرچ ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هنداڻي کي بالڪل وياگرا جي طور تي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي پر هي رت جي شريانن کي بنا ڪنهن دوا جي استعمال جي فرحت ڏيڻ جو بهترين طريقو آهي.