انٽرنيٽ جون وڏيون ڪمپنيون هڪ اهڙو سافٽ ويئر متعارف ڪرايو آهي جنهن جي ذريعي انٽرنيٽ نظام ۾ هڪ اهڙو نقص ختم ڪيو ويندو جنهن سان فراڊ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو مالي نقصان ڪري سگهن ٿا.
ڪمپيوٽر ماهرن 6 مهينا اڳ انٽرنيٽ تي هڪ اهڙو نقص ڳوليو هو جنهن هيٺ جيڪڏهن سرچ انجن ۾ صحيح ايڊريس به ٽائپ ڪيو وڃي ته هو انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي اهڙي جعلي سائيٽ تي وٺي ويندو آهي جتي ماڻهن جي ذاتي معلومات حاصل ڪري ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽس جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.
مائيڪرو سافٽ سميت انٽرنيٽ جون وڏيون ڪمپنيون هاڻي نيٽ استعمال ڪندڙن کي نوان سافٽ ويئر ڏئي رهيون آهن جن سان فراڊ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڌوڪو ڪونه ڏئي سگهندا.
مائيڪرو سافٽ جي هڪ ملازم بڌايو آهي ته انٽرنيٽ جي هن نقص جي باري ڄاڻي ماڻهن کي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي پر گهٻرائڻ جي ضرورت ڪونهي.
انٽرنيٽ جي ماهرن ڄاڻ حاصل ڪئي آهي ته ڊومين نيم سسٽم (ڊي اين ايس) جنهن ۾ ويب سائيٽ جو ايڊريس ٽائپ ڪيو وڃي ٿو اهو ايڊريس کي حصن ۾ تبديل ڪندو آهي ۽ هتي ايڊريس کي ٻي پاسي ڦيرائي سگهجي ٿو.
ماهرن موجب فراڊ هن نقص جو فائدو حاصل ڪري ماڻهن کي جعلي ويب سائٽس ڏانهن اُماڻي سگهن ٿا جتي فراڊ سان سندن ذاتي ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي.
مائيڪرو سافٽ سن ۽ سسڪو جهڙي ڪمپيوٽر جي وڏي ادارن ڇهه مهينا اڳ هڪ خفيه ٽيم تشڪيل ڏني وئي جنهن نئون سافٽ ويئر ايجاد ڪيو آهي. هن سافٽ ويئر جي معلومات کي اڃان تائين خفيه رکيو ويو آهي ته جيئن وڏيون ڪمپنيون پنهنجي سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪري سگهن. ذاتي ڪمپيوٽر ۾ هن نقص کي ختم ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ ڪمپني ڪمپيوٽر نظام کي پاڻ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي سهولت ڏيندي.