کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > سائنسي دنيا > ڊپريشن: مردن ۾ شوگر جو وڏو ڪارڻ

ڊپريشن: مردن ۾ شوگر جو وڏو ڪارڻ

ويچار ڊيسڪ
July 28th, 2008

سويڊش ماهرن جو چوڻ آهي ته ٿڪ، ڊپريشن ۽ ننڊ جي ڪمي مردن کي شوگر جهڙي مهلڪ بيماري ۾ مبتلا ڪرڻ جو وڏو امڪان آهي. ماهرن جي دعوي آهي ته اُهي مرد جيڪي وڌيڪ نفسياتي دٻاءُ جا شڪار هوندا آهن هنن ۾ ٽائپ ٽو ذيابطيس هجڻ جو امڪان ٻنهيءَ جي مقابلي ۾ ڊبل هوندوآهي ماهرن موجب ذهني دٻاءُ هارمونز ۽ دماغ جي ڪنٽرول تي اثر ڪندو آهي.

 

هن ريسرچ موجب 1938ع کان 1957ع جي وچ ۾ ٿيندڙ 1217 ۽ 3100 ذائفن جو معائنو ڪيو ويو پر ذائفن ۾ اهڙو ڪو به اشارو ڪونه مليو. سائنسدانن ۽ ماهرن جي وچ ۾ صحيح گلوڪوز ليول واري ماڻهن کان هنن ۾ ذهني دٻاءُ، ٿڪ، ڊپريشن ۽ انسومينيا جي علامتن باري پڇيو ٻڌايو ويو ته پوءِ اٺ کان ڏهه ورهين جي وقفي ۾ انهن ماڻهن ۾ شوگر جي موجودگي ٽيسٽ ڪئي وئي.

 

هن کان اها خبر پئي آهي ته اُهي ماڻهون جيڪي نفسياتي دٻاءُ جا شڪار هوندا آهن هنن ۾ شوگر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ ڊبل کان به وڌيڪ هوندو هو. ريسرچ ۾ جن ذائفن جا ٽيسٽ ڪيا ويا هنن ۾ اهڙي ڪو به علامت ڏسڻ ۾ ڪونه آئي.

 

هن ريسرچ ۾ شامل سويڊش پروفيسر اينڊرز اڪيوم جو چوڻ آهي ته هر ڪنهن کي هن ڳالهه جي خبر آهي ته ذهني دباءُ ۽ ڊپريشن، دل جي بيمارين جو سڀ کان وڏا ڪارڻ آهن پر هنن کي شوگر جو وڏو ڪارڻ به سمجهي سگهجي ٿو.

 

واضع رهي ته برطانيه ۾ هن مهل گهٽ ۾ گهٽ 23 لک ماڻهون شوگر جا مريض آهن ۽ هڪ اندازي موجب پنج لک ماڻهون اهڙا به آهن جيڪي شوگر جي بيماري ۾ مبتلا آهن پر هنن اڃان تائين معائنو نه ڪرايو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com