هڪ نئين ريسرچ موجب برطانيه ۾ روزانو ڏهه لک کان وڌيڪ بنا استعمال ٿيل ڏهي جا پيڪٽ ڪوڙي ۾ اُڇلايا وڃن ٿا. هونئن هر سال ضايع ٿيندڙ ڏهي جي پيڪٽن جو انگ 48 ڪروڙ 40 لک آهي. اها ريسرچ رپورٽ هڪ اهڙي وقت پڌري ڪئي وئي آهي جڏهن دنيا غذائي بحران ۾ ڦاٿل آهي ۽ آفريقا ۾ ساليانو لکين ماڻهون غذا ڪي گهٽتائي سبب مرندا آهن.
۽ هاڻي اهو سوال آهي ته هن باري ڪيئن خبر پئي؟
جي ها، هن جو سڌو جواب ته اهو آهي ته هن لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي. هن سلسلي ۾ انگلينڊ ۽ ويلز جي 2138 گهرن کان گڏ ڪيل ڪچري کي گهر وارن جي اجازت سان ڏٺو ويو. هڪ ٽيم غذائي ۽ غير غذائي ڪچري کي ڌار ڪرڻ کانپوءِ غير غذائي حصي کي ضايع ڪري ڇڏيو.
غذائي ڪوڙي جي سڃاتل حصن کي ڌار ڌار ڪيٽيگريز ۾ لکيو ويو ۽ اڻڄاتل مواد کي ليس دا ڪمپازٽ جي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو.
ريسرچ ٽيم جي هڪ رُڪن باربرا ليچ موجب سڃاتل مواد باري هر طرح جي تفصيل لکي وئي. هن کانپوءِ ضايع ڪرڻ واري خوراڪ کي پيڪنگ کانسواءِ توريو ويو ته جيئن هن ڳالهه جو اندازو لگائي سگهجي ته جيڪڏهن هن کي ضايع نه ڪيو وڃي ته ڪيتري بچت ٿئي ها.
ظاهر آهي ته اها ريسرچ رڳو ڏهي تي نه هئي. بلڪ ريسرچ ٽيم هر قسم جو حساب ڪتاب ڪيو. مثال طور اها ڳالهه به پڌري ٿي آهي ته ساليانو 44 لک رپين جا صوف ڪچري ۾ اُڇلايا وڃن ٿا.
هن ريسرچ تي 4 لک 26 هزار پائونڊ جي لاگت آئي آهي.